
پاڻي پاڻي ڏيڻ، ريج ڏيڻ
پاڻي
پاڻي- آب
گرامر noun
- اسم
پاڻِي
Water
واٽر
پاڻي، ھڪ سادي قسم جو مرڪب ھر قسم جي زندگيءَ لاءِ ضروري ٿئي ٿو. ان جي ماليڪولي جوڙجڪ H2O ٿئي ٿي. جسم جو ھڪ انتھائي عام مادو سڀني ماليڪيولن جو اٽڪل 99 سيڪڙو پر جسم جي جملي وزن جو ننڍڙو سيڪڙو ٿئي ٿو. جسم جي پاڻيءَ جو اٽڪل 2/3 جسماني سيلن ۾ ته باقي ٽيون حصو سيلن کان ٻاھر (جھڙوڪ: رت جي پلازما، لمف ۽ سيريبرواسپائينل) پاڻيٺ ۾ ٿئي ٿو. پاڻي ھڪ اھڙو ذريعو ٿي ڪم ڪري ٿو جنھن ۾ جسم جا سڀ ميٽابولي ردعمل ٿين ٿا (ڏسو، metabolism) ۽ سڄي جسم ۾ مادا پھچائي ٿو. رت جي پلازما، جسم جي سڀني ٽشوئن کي پاڻي رسائي ٿي ۽ ٽشوئن جو واڌو پاڻي جيري، بڪين، ڦڦڙ ۽ چمڙيءَ رستي خارج ڪري ٿي. پاڻيءَ جو ٽشوئن جو سيلن جي اندر ۽ ٻاھر گذر آسموسس (osmosis) رستي ٿئي ٿو. جسم ۾ کاڌي ۽ پيتي رستي داخل ٿئي ٿو ۽ پيشاب ۽ ڪرفتيءَ، ساه ڪڍڻ دوران بخارن جي صورت ۽ پگهر رستي خارج ٿي وڃي ٿو (ڏسو، dehydration). پيشاب رستي پاڻيءَ جي مقدار جي خارج ٿيڻ تي گردا ضابطو رکن ٿا (وڌيڪ ڏسو، ADH). رت ۾ موجود واڌو مادن جھڙوڪ: کنڊ يا لوڻ جي خارج ٿيڻ لاءِ واڌو پاڻي گهربل ٿئي ٿو، گرم موسوم ۾ جيئن ته پاڻي پگهر رستي خارج ٿي وڃي ٿو ان سبب پاڻيءَ جو گهڻو مقدار پيئڻو پوي ٿو. ڪن بيمارين ۾ جڏھن گردا فيل ٿي وڃن يا دل فيل ٿي وڃي ٿي تڏھن پاڻي جو پيشاب رستي اڻپورو مقدار خارج ٿيڻ جي نتيجي ۾ سوڄ (oedema) ايڊيما ٿي پوي ٿي.
Related words with: Water
وٺڙ
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal