
Viruses
واءِ.رس
وائرسَ، روڳ/ بيماريون پيدا ڪندڙ انتھائي تڇ عنصر. ان تي به بحث ھلندڙ آھي ته وائرس اصل ۾ جاندار آھن يا اھڙن ماليڪولن جو ڳٽڪو جيڪو مخصوص حالتن ۾ پاڻ پيدائش ڪري ٿو. انھن جي رڳو مشغولي ٻين جاندارن جي سيلن تي حملو ڪرڻ ۽ قبضو ڪري پاڻجھڙيون ڪاپيون پيدا ڪرڻ ٿئي ٿو.وائرس جاندار سيل کان ٻاھر ماٺا رھن ٿا. وائرس جي اڪيلي پارٽيڪل (virion) ۾ نيوڪليئڪ ايسڊ (nucleic acid) جي ھڪ اندرين جهلي ٿئي ٿي جيڪا ڊِي اين اي (DNA) يا آر اين اي (RNA) جي پروٽين جي ھڪ يا ٻن بچاءَ ڏيندڙ خولن (capsids، ڪيپسڊس) ۾ بند ھجي ٿي. ٻاھرين ڪيپسڊ جي چوگرد ھڪ ٻيو به تھه وائرس جو پوش ٿي سگهي ٿو جنھن ۾ مکيو طور تي پروٽين ٿئي ٿي. نيوڪليئڪ ايسڊ ۾ جينن (genes) جو ھڪ تاندورو ٿئي ٿو جنھن ۾ وائرس جي ڪاپين پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوڊيڊ ھدايتون ھجن ٿيون. عام وائرسي بيمارين ۾ ڪولڊ (cold)، انفلوئينزا (influenza) ۽ لاکڙو (chickenpox، ويريسيلا زوسٽر وائرس سبب ٿيندڙ) ٿين ٿيون ته ائڊس، ھيومن اِميونوڊيفيشنسي وائرس (human immunodeficiency virus/HIV) سبب ٿئي ٿي.
برباد ڪرڻ
ناس ڪرڻ ، چٽ ڪرڻ ، تباهه ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal