
Vasculitis
ويس.ڪيو.لاءِ.ٽس
رت نلين جي سوزش، عام طور تي ويسڪيولائٽس سبب نلين جو استر تباه ٿي انھن جي پيٽ کي سوڙھو ڪري يا ٻنجي ڇڏي ٿو جنھن سبب رت جو وھڪرو گهٽ يا محدود ٿي وڃي ٿو. نتيجي ۾ جسم جا رت نلين سبب متاثر ٿيندڙ حصا اِسڪيمِڪ (ischaemia) سبب ناقص يا تباه ٿي وڃن ٿا. سمجهيو وڃي ٿو ته ڪيترين حالتن ۾ ويسڪيولائٽس جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ رت ۾ گردش ڪندڙ ھڪڙا سنھڙا جسم ٿين ٿا جن کي اِميون ڪامپليڪسس (immune complexes) سڏجي ٿو. عام طور تي اِميون ڪامپليڪسس (منجهن اينٽيباڊيون ٿين) کي رت جا اڇا سيل ناس ڪري ڇڏين ٿا پر ورلي رت نلين جي استر سان چنبڙي اتي سوزش پيدا ڪري وجهن ٿا. ڪن حالتن ۾ اينٽيجينون وائرس ٿين ٿيون. ويسڪيولائٽس ڪيترين ناقص حالتن ۾ پيدا ٿي پوي ٿي جن ۾ شامل ٿين ٿيون پوليئارٽيرائيٽس نوڊوسا (polyarteritis nodosa)، ارِڌميا نوڊوسم (erythema nodosum)، ھينوڪ ـ شونلين پرپورا (Henoch–Schönlein purpura)، سيرم سڪنيس (serum sickness)، ٽيمپورل آرٽيرائيٽس (temporal arteritis)، سسٽمڪ لُوپس ارڌميٽوسس (systemic lupus erythematosus) ۽ برگرس ڊزيز (Buerger’s disease). ورلي ڪن قسمن جي ڪيميائي مادن ۽ دوائن سبب به ٿي پوي ٿي.
چڙهه
مصدر. ”چڙهڻ“ مان امر. ذ چاڙُهه ، ترقي ، واڌارو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal