
ويريڪوز وينز
ڦنڊيل نسون رڳون
ڦنڊيل يا سڄيل رڳون
Varicose veins
وي.ري.ڪوس ـ وي.نس
وڪوڙيل رڳون/ نسون. وڏڙيون، ڏکڻيون، چمڙيءَ ھيٺان گهڻو عام ٽنگن، گديا (ڏسو، haemorrhoids)، نڙگهٽ (ڏسو، oesophageal varices) ۽ انڊڪوش (scrotum) تي به ٿين ٿيون. ٽنگن وارين نسن جي والن ۾ نقص ھجڻ سبب رت، چمڙيءَ ھيٺان نسن ۾ گڏ ٿي انھن کي ويريڪوس (ڦنڊائي، وڙ وڪڙائي ۽ انگهائي) ڪري ڇڏي ٿي جنھن جا مکيو ڪارڻ ٿلهائپ (obesity)، ھارموني تبديليون ۽ حمل دوران ڍونگريءَ جي نسن تي پوندڙ دٻاءُ، سنڍجڻ (menopause) وقت پيدا ٿيندڙ ھارموني تبديليون، ڊگهي وقت تائين بيھڻ ٿين ٿا. ويريڪوس وينس جو پيدا ٿيڻ ھڪ عام ڳالهه ٿئي ٿي، خاندانن ۾ ھلندي رھي ٿي ۽ مردن کان وڌيڪ عورتن کي متاثر ڪري ٿي. ممڪن ٿئي ٿو ته ويريڪوس وينس ڪو مسئلو پيدا نه ڪن پر شديد ڏکڻيون ٿي سگهن ٿيون، پير ۽ مُرا سڄي پون ٿا ۽ دائمي خارس رھي سگهي ٿي. ڏينھن جو تڪليفون بدتر ٿي سگهن ٿيون ٽنگون مٿي ڪري ويھڻ سان تڪليف گهٽجي وڃي ٿي. عام طور تي عورتن ۾ ماھواريءَ کان اڳ تڪليفون بدتر ٿي وڃن ٿيون. شديد حالتن ۾ ٽنگ جي السر ٿي سگهي ٿي. ويريڪوس وينس سبب ٿرامبوفليبائيٽس (thrombophlebitis) به ٿي سگهي ٿي. عام طور تي ڪمپريشن اسٽاڪنگس استعمال ڪرڻ، لاڳيتو پنڌ ڪرڻ ۽ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي پير مٿي ڪري ويھڻ ان تڪليف جا اپاءَ ٿين ٿا. گهڻين گنڀير حالتن ۾ اسڪليروٿراپيءَ (sclerotherapy) يا آپريشن رستي ويريڪوس وينس خارج ڪري سگهجن ٿيون. علاج جون ٻيون مکياريون مائڪروويو يا ليزرٿراپي ٿئي ٿي جن رستي نسن ۾ اوزار وجهي ويريڪوس نسون ناس ڪري ڇڏجن ٿيون.
Related words with: Varicose veins
ڪچو کوسڪي
اسم خاص. تعلقي ڪشمور ۾ هڪ ديهه جو نالو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal