
Uterus, prolapse of
يو.ٽيرس ـ پروليپس ـ آف
ھڪ اھڙي حالت جنھن ۾ ڳڀيرڻ پنھنجيءَ عام رواجي حالت کان گرڀ ناليءَ (vagina) ۾ لهي پوي ٿي جيڪو مختلف درجن وارو، 1 ڊگريءَ وارو معمولي کان، 3 ڊگرين وارو (procidentia) به ٿي سگهي ٿو جنھن ۾ ڳڀيرڻ فرج (vulva) مان ڏسي سگهجي ٿي. ڳڀيرڻ کي سھائتا ڏيندڙ ٻنڌين جو انگهجي وڃڻ (مثال طور، ويم دوران) ان جو گهڻو عام ڪارڻ ٿئي ٿو. لهڻ پوڻ جو پھلو ٿلهائپ سبب وڌي وڃي ٿو. عام طور تي ان جون ڪي نشانيون/ تڪليفون پيدا نٿيون ٿين جڏھن ته ورلي نھائين ۾ ڊريگنگ / ڇڪ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. تشخيص جسماني چڪاس رستي ڪجي ٿي. نھائين جي تري (pelvic floor) جي ڪسرت ڪرڻ سان گرڀ ناليءَ جون مشڪون سگهاريون ٿين ٿيون ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته خاص طور تي ويم کانپوءِ ان جي لهي پوڻ جو خطرو گهٽجي وڃي. عام طور تي علاج لاءِ آپريشن ڪجي ٿي (ھسٽيريڪٽومي) يا جيڪڏھن آپريشن نٿي چاھجي يا ان جي سفارش نٿي ڪئي وڃي ته گرڀ ناليءَ ۾ ڇلي جھڙي نبات (pessary) وجهي ڇڏجي ٿي جنھن سان ڳڀيرڻ پنھنجيءَ جاءِ تي ٽڪيل رھي ٿي (وڌيڪ ڏسو، cystocele; rectocele; urethrocele).
ٺپ
ظرف. فورا ، بروقت. بنهه ، اصل ، اڦٽ ، ڏسو ”ٺپ“.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal