
Uterus, cancer of
يو.ٽيرس ـ ڪينسر ـ آف
ڳڀيرڻ جي ماس/ ٽشوئن ۾ ٿيندڙ ھڪ ھاڃيڪار واڌ. ڳڀيرڻ جي ڪينسر مکيو طور تي ڳھڻ (ڏسو،cervix, cancer of) ۽ اينڊوميٽريم (ڳڀيرڻ جي استر) کي متاثر ڪري ٿي. ورلي حالتن ۾ ڳڀيرڻ جي مشڪ ھڪ اھڙي قسم جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿئي ٿي جنھن کي ليئيوميوسارڪوما (leiomyosarcoma) سڏجي ٿو. عام طور تي ڳڀيرڻ جي ڪينسر جو مطلب اينڊوميٽريم جي ڪينسر جو ورتو وڃي ٿو. اينڊوميٽريم جي ڪينسر پيدا ٿيڻ ۾ ڪيترا پھلو شامل ٿين ٿا جن ۾ ڪا به اھڙي ڳالهه شامل ٿئي ٿي جيڪا جسم ۾ ايسٽروجن جي سطح وڌائي سگهي ٿي جھڙوڪ: ٿلهائپ (obesity)، آنجڻ جو عمل ٿي نه سگهڻ يا ايسٽروجن ھارمون ڊگهي عرصي کان استعمال ڪرڻ ۽ اھي پروجيسٽوجين دوائن سان توازن ۾ نه وٺڻ. اھا ڪينسر انھن عورتن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي جن کي ڪجهه ٻار ٿين ٿي يا بلڪل نٿا ٿين. ٽماڪسفِن (tamoxifen) دوا به اينڊوميٽريل ڪينسر جي خطري وڌائڻ سان لاڳاپيل ٿئي ٿي.سنڍجڻ (menopause) کان اڳـ۾ ڳڀيرڻ جي ڪينسر جي پھرين نشاني مينوريجيا (menorrhagia، حد کان گهڻي ماھواري اچڻ)، ماھوارين جي وچ ۾ يا ھمبستريءَ کانپوءِ رت اچڻ ٿي سگهي ٿي. سنڍجڻ کانپوءِ عام طور تي اھا گرڀ ناليءَ جي رتھڻي پاڻيٺ ٿئي ٿي. تشخيص ھسٽيرواسڪوپي (hysterectomy)، الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning) يا بايوپسيءَ (biopsy) رستي ڪجي ٿي. عام طور تي اينڊوميٽريائي ڪينسر جي بلڪل اوئلي علاج ۾ ھسٽيريڪٽوميءَ (hysterectomy)، فيلوپين نليون ۽ آنيدانيون ڪڍي ڇڏجن ٿيون. جيڪڏھن ڪينسر وگهري ويل ھجي ته ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ۽ اينٽي ڪينسري دوائون به استعمال ڪري سگهجن ٿيون.
بربر
صفت. [ع] جهنگلي ، وحشي. اسم خاص اُتَر آفريڪا جو هڪ علائقو جو وڏي رڻ پٽ جي اُتر ۾ آهي، جنهن ۾ طرابلس، تيونس، اَلجيريا ۽ موراڪو شامل آهن.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal