
رحم، پيٽ، ڳڀ
ڳَڀُ- ٻچيداڻي
Uterus
يو.ٽيرس
مادي جنمي سرشتي جو اھو ڍانڍو، مشڪائون عضوو جنھن ۾ عام طور تي نريل آنو (ovum) لڳي/ پيوند ٿي ڳڀ (embryo) ۽ ابھم (fetus ) جي صورت ۾ نسري ٿو. ڳڀيرڻ کي عام طور تي رحم (womb) سڏجي ٿو جيڪو نھائين جي خال ۾ مثاني جي پٺيان ۽ آنڊن جي اڳيان ٿئي ٿو. غير حامله عورتن ۾ ڳڀيرڻ 7.5 ـ 10 س.م ڊگهي، وزن ۾ 60 کان 90 گرام، ھيٺيون حصو گرڀ ناليءَ ۾ ڳھڻ (cervix) وٽ ته مٿيون حصو فيلوپين نلين (fallopian tubes) ۾ کلي ٿو. ڳڀيرڻ جو تھه اينڊوميٽريم (endometrium) جو ٿئي ٿو. ڳڀيرڻ حمل دوران سائيز ۾ واڌ ڪندي رھي ٿي ته جيئن واڌ ڪندڙ ابھم کي ٿانيڪو ڪري سگهي. حمل جي پورن ڏينھن ۾ ڳڀيرڻ جون طاقتور مشڪون ابھم کي گرڀ ناليءَ رستي ڌڪي ٻاھر ڪن ٿيون (ڏسو، childbirth). عورت جي سنڍجڻ کانپوءِ اينڊوميٽريم اَڀري ٿي (سنھڙي ٿي وڃي ٿي) ۽ ڳڀيرڻ جي مشڪ ۽ ڪنيڪٽو (connective) ٽشو سوسِ کائي وڃن ٿا. ڳڀيرڻ کي متاثر ڪندڙ حالتن ۾ پيدائشي نقص جھڙوڪ: ڳڀيرڻ جو پورو نه جڙڻ يا وجود نه ھجڻ، ڳوڙھيون جن ۾ نڪرا (polyps)، فائبُروائڊن (fibroids) ۽ اينڊوميٽريل جي ڪينسر (ڏسو،uterus, cancer of )، اينڊوميٽرياسس (endometritis) جا انفيڪشن ۽ ھارموني نقص شامل ٿين ٿا (وڌيڪ ڏسو، uterus, prolapse of; uterus, retroverted).
Related words with: Uterus
سياستگري
ث. [سياست + گر = ٺاهيندڙ] حڪومت جو انتظام.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal