SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Urodynamics

(click word to listen sound
  • 🔊
  • urodynamics
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Urodynamics

يورو.ڊائنامڪس

ڪن قسمن جون تپاسون جن رستي مثاني جي مسئلن جھڙوڪ: پيشاب جهلي نه سگهڻ (incontinence)، يوروڊائنامڪ اميجنگ لاءِ پيشاب نليءَ (urethra)، مثاني (bladder) ۽ مقعد (rectum) يا گرڀ ناليءَ (vagina) ۾ ڪيٿيٽر (catheters) وجهي انھن جي ڀرجڻ ۽ خالي ٿيڻ دوران پوندڙ دٻاءَ جا اثر ڏٺا وڃن ٿا. ڪيٿيٽر رستي مثاني ۾ پاڻيٺ اماڻجي ٿي ته ڪيٿيٽر تي لڳل ھڪ سينسر مثاني جي ڀرجڻ دوران ان جو اندريون دٻاءُ ماپيندو رھي ٿو. مقعد يا گرڀ ناليءَ واري ڪيٿيٽر ۾ لڳل سينسر پيٽ جو پريشر ماپي ٿو. جڏھن مثانو ڀرجي وڃي ٿو ته مريض کي منجهس ڪيٿيٽر پيل ھوندي اھو خالي ڪرڻ لاءِ چئجي ٿو ته جيئن مثاني جي خالي ٿيندي ان جو دٻاءُ جاچي سگهجي. جڏھن مثانو خالي ٿي وڃي ٿو ته ڪيٿيٽر به ڪڍي ڇڏجن ٿا. عام طور تي ان سڄي عمل جي مختلف مرحلن دوران الٽراسائونڊ به ڪڍيا وڃن ٿا ته جيئن مثاني ۾ موجود پيشاب جي مقدار جو اندازو لڳائي سگهجي. مريض کي کنگهڻ لاءِ يا مشقون ڪرڻ لاءِ به چئي سگهجي ٿو ته جيئن اھي پنھنجيون مخصوص تڪليفون ڏيکاري سگهن.


Remember Me Also:

کاڻاڊو

ذ . سن . کاد = کائڻ بورچيخانو ، رڌڻو ، رڌڻ پچائڻ جي جاءِ ، چونڪو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal