
Urinary tract infection
يوري.نري ـ ٽريڪٽ ـ انفيڪشن
پيشاب لنگهه ۾ ڪنھن ھنڌ به ٿيندڙ ڪو انفيڪشن. ان جو ن مختلف نشانيون/ تڪليفون پيدا ٿين ٿيون جن جو مدار متاثر ٿيندڙ حصي تي ٿئي ٿو. يوريٿرائيٽس (urethritis) ھجڻ جي حالت ۾ پيشاب ڪرڻ سان ساڙو ٿئي ٿو. سِسٽائيٽس (cystitis) سبب ھر ھر پيشاب ڪرڻ جي خواھش، پيٽ جي ھيٺين حصي ۾ سور، مُٽھير (haematuria، پيشاب ۾ رت اچڻ) ۽ گهڻي ڀاڱي عام بيمار ۽ ھلڪي بخار ھجڻ جو احساس ٿي پوي ٿو. پائلونيفرائيٽس (pyelonephritis) سبب بخار ۽ پٺيءَ ۾ پاسرين ھيٺان سور پوي ٿو. سِسٽائيٽس ۽ پائلونيفرائٽس سدائين بئڪٽيريائي انفيڪشن سبب ٿي پون ٿا.يوريٿرائيٽس عام طور تي جنسي وچڙندڙ بيماريءَ جھڙوڪ: پرميل سبب ته ان جا ٻيا به ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. پيشاب نليءَ جا انفيڪشن مردن ۾ گهڻا ٿين ٿا. جڏھن ته مردن ۾ عام طور تي پراسٽيٽ غدود جي وڌي وڃڻ جو لاڙو موجود (ڏسو،prostate, enlarged) ته عورتن ۾ حمل جي خطري جو عنصر ٿئي ٿو. ٻنھي صنفن ۾ پيشاب لنگهه جي انفيڪشنن ٿيڻ جي ڪارڻن ۾ پٿريون (ڏسو، calculus, urinary tract) مثاني جون ڳوڙھيون (bladder tumours)، پيشاب لنگهه جا پيدائشي نقص يا اسپينا بفيڊا (spina bifida) يا ڪرنگهي جي ڪنھن ضرب (spinal injury) سبب مثاني جو ناقص طريقي سان خالي ٿيڻ ٿين ٿا. يوريٿرائيٽس سبب اڳتي ھلي پيشاب نليءَ جي ٻنج/ ڳت (urethral stricture) پيدا ٿي سگهي ٿي. عام طور تي سِسٽائيٽس تڏھن پيچيدگيون پيدا ڪري ٿي جڏھن انفيڪشن گردن ڏانھن وگهري وڃي ٿو. جيڪڏھن پائلونيفرائٽس جو علاج نه ڪجي ته دائمي طور تي بڪيون تباه، سيپٽِيسيميا (septicaemia) ۽ سيپٽڪ شاڪ (septic shock) پيدا ڪري سگهي ٿو. اھڙي ڪنھن انفيڪشن جي سڃاڻپ، پيشاب جي ڪلچر (culture) رستي ڪجي ٿي. وڌيڪ چڪاس اِميجنگ ٽيڪنيڪ (imaging techniques) رستي يا سِسٽواسڪوپي (cystoscopy) ڪرڻ به ضروري ٿي پوي ٿي. پيشاب لنگهه جي ڪيترن انفيڪشنن جو علاج انٽيبِياٽڪ (antibiotics) دوائن رستي ڪجي ٿو.
گڻنب
ذ . ڳُوڙهو ، گهاٽو .
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal