
Urinary tract
يوري.نري ـ ٽريڪٽ
جسم جو اھو حصو جنھن جو واسطو پيشاب (urine) پيدا ۽ خارج ڪرڻ سان ٿئي ٿو. پيشاب لنگهه ۾ بڪيون (kidneys، انھن جي رت ۽ اعصابن سميت)، رينل پيلويسِس (renal pelvises، ڪيف جھڙيون نليون جن جو ڪم بڪين مان پيشاب آڻڻ ٿئي ٿو)، گردن جون نليون (ureters)، مثانو (bladder) ۽ پيشاب نلي (urethra) ٿئي ٿي. بڪيون رت ڇاڻي پيشاب پيدا ڪن ٿيون جيڪو رينل پيلوسِس ۾ گڏ ٿي گردي جي نلين رستي ڪشش ۽ مشڪن جي ڪوءَ سبب مثاني ڏانھن ھليو وڃي ٿو. مثاني ۾ پيشاب تيستائين گڏ ٿيندو رھي ٿو جيستائين ان جو مقدار مثاني جي ڀيڪوڙ کي متحرڪ نٿو ڪري. جڏھن مثانو ڀيڪوڙجي ٿو ته پيشاب، پيشاب نليءَ رستي ٻاھر خارج ٿي وڃي ٿو.
Related words with: Urinary tract
ساهه ڀري شيء
ساهدار يا جان واري شيءِ ، جاندار شيءِ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal