SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Urinary retention

(click word to listen sound
  • 🔊
  • jeərinriː
  • ritenʃən
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Urinary retention

يوري.نري ـ ري.ٽين.شن

مثانو (bladder) خالي ڪري نه سگهڻ يا انـ۾ تڪليف ٿيڻ. ايئن مڪمل طور تي (پيشاب پنھنجو پاڻ خارج ٿي نٿو سگهي) يا اڻ مڪمل طور (مثانو مڪمل طور تي خالي ٿي نٿو سگهي) تي به ٿي سگهي ٿو. مردن ۾ ان جا ڪارڻ فِيموسس (phimosis)، يوريٿرل اسٽرڪچر (urethral stricture)، پراسٽيٽائيٽِس (prostatitis)، مثاني ۾ ڪنھن پٿريءَ (ڏسو، calculus, urinary tract) ۽ پراسٽيٽ جي ڪنھن ڳوڙھي يا سوڄ جو ھجڻ ٿئي ٿو. عورتن ۾ ان جا سبب ڳڀيرڻ جي فائبُروائڊن (fibroids) يا پيٽ واري ابھم (fetus)جو پيشاب نليءَ تي پوندڙ دٻاءُ ٿئي ٿو. جڏھن ته ٻنھي صنفن ۾ ان جو ھڪ ڪارڻ مثاني جي ڳوڙھي به ٿي سگهي ٿي. پيشاب بند ٿي وڃڻ جو سبب جسم جي عام يا مغزي ڏوريءَ جي اَنسٿيسيا، مثاني کي متاثر ڪندڙ دوائون، آپريشن، اعصابي لنگهه کي پھتل ڇيھو يا مغزي ڏوريءَ جي بيماري ڪري مثاني جي اعصابي لنگهه جو درست طور تي ڪم نه ڪرڻ ٿي سگهي ٿو. پيشاب جي مڪمل طور تي بند ٿيڻ سبب اھنج ۽ پيٽ جي ھيٺين حصي ۾ سور ٿي پوي ٿو سواءِ انھن حالتن جي جڏھن اعصابي لنگهه ناقص ھجن. مثاني جو مڪمل ڀريل ھجڻ نھائين جي ھڏي مٿان محسوس ڪري سگهجي ٿو. جڏھن ته ڪرانڪ يا جزوي روڪ سبب ممڪن ٿئي ٿو ته ڪو سنگين مسئلو پيدا نه ٿئي. پيشاب جي بندش سبب گردا ناقص ۽ عام طور تي پيشاب لنگهه جو انفيڪشن ٿي سگهي ٿو. پيشاب بند ٿي وڃڻ جي حالت ۾ ان جو علاج نلڪي وجهڻ ٿئي ٿي (ڏسو، catheterization, urinary). ان کانپوءِ ڪارڻ جي ڳولها ڪجي ٿي. عام طور تي بندش جو علاج ڪجي ٿو. جيڪڏھن ان جو ڪارڻ اعصابي نقص ھجي ٿو ته دائمي يا وقتي طور تي نلڪي وجهڻ ضروري ٿي پوي ٿي.


Remember Me Also:

وينس

وينِس

(انگ) آسماني گرههَ يا سيار جو نالو، شُڪر.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal