
Urinary diversion
يوري.نري ـ ڊائورشن
تڏھن پيشاب خارج ڪرڻ جڏھن جراحيءَ جي ڪنھن طريقي (عارضي يا دائمي) رستي پيشاب لنگهه مان مثاني ۽ پيشاب نليءَ رستي پيشاب خارج ٿيڻ جو رستو بند ٿي ويو ھجي يا مثاني کي آپريشن رستي نيڪال ڪيو ويو ھجي. ورلي، پيشاب جو عارضي طور تي لنگهه تڏھن ڦيرايو وڃي ٿو جڏھن پراسٽيٽ (prostate) غدود جي وڌي وڃڻ يا پيشاب نليءَ جي ڳُت سبب پيشاب بند ٿي ويو ھجي. تڏھن ھڪ ننڍڙي سوراخ رستي ھڪ نلڪي سڌي سنئين مثاني تائين پھچائي وڃي ٿي (ڏسو، catheterization, urinary). عارضي طور تي پيشاب جي لنگهه ڦيرائڻ جي تڏھن پڻ ضرورت پوي ٿي جڏھن پيشاب لنگهه جون آپريشنون ڪيون وڃن ٿيون تڏھن ھڪ ننڍڙي نلڪي گردي ۾ اماڻي ان جو منھن پيٽ جي مٿاڇري تي ڇڏي ڏجي ٿو. ايئن دائمي طور تي تڏھن ڪجي ٿو جڏھن آپريشن رستي مثانو خارج ڪري ڇڏجي ٿو، مثاني تي اعصابي طور تي ڪنٽرول ڪري سگهڻ سخت متاثر ٿئي ٿو جھڙوڪ: مغزي ڏوريءَ کي سخت ڇيھي پھچڻ کانپوءِ يا ڪنھن عورت مريضه جي حالت ۾ سندس مثاني يا پيشاب نليءَ يا پيشاب نليءَ ۽ سندس گرڀ ناليءَ وچ ۾ ھڪ اھڙي نواسير جو ھجڻ جيڪو درست ٿيڻ لائق نه ھجي. اھڙيءَ حالت ۾ اِليئم (ileum) جو ھڪ ٽڪرو ڪٽي ان جو نعم البدل مثانو جوڙي ھڪ ڇيڙي سان گردن جون نليون جوڙي ڇڏجن ٿيون. نعم البدل مثاني جي ٻئي ڇيڙي کي ٽڪو ڏئي پيٽ کان ٻاھر ڪڍي ڇڏجي ٿو. مريض پنھنجيءَ چمڙيءَ سان ٻڌل ھڪ ڳوٿريءَ رستي پيشاب گڏ ڪري ٿو.
منهن مان مٺو ٻولڻ
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal