
Universal precautions
يو.ني.ور.سل ـ پري.ڪا.شن
اھڙا عالمي احتياطي اپاءَ وٺڻ جن رستي ڪنھن به مريض، ان جي جسماني پاڻيٺن سان لاڳاپي ۾ اچڻ کان بچڻ لاءِ ميڊيڪل دستانا، گاگلس ۽ ماسڪ پائڻ ضروري ٿي پون ٿا. صفائيءَ جون سٺيون عادتون اختيار ڪرڻ جھڙوڪ: ھٿ ملي صاف ڪرڻ ۽ دستانا پائڻ، ھائِپوڊرمڪ نيڊلن، اسڪيلپلن جو درست استعمال ڪرڻ ۽ اوزارن کي جيوڙن کان پاڪ صاف رکڻ اھم ٿين ٿا. اميريڪا ۾ 1980 جي ڏھاڪي ۾ ائڊس پکڙجڻ کانپوءِ اھڙا اپاءَ 1985 ـ 88 ۾ متعارف ڪرايا ويا، جنھن لاءِ ھر مريض کي انفيڪشن ۾ مبتلا سمجهندي گهٽ ۾ گهٽ خطرن پيدا ٿيڻ لاءِ احتياط ڪيا ويا.
غصب
ذ. ع. تَغَلَبُ ، خُردبُرد ، خيانت. بي قاعدي يا زبردستي سان ڪيل ڪم. ڪنهن جو زوري ڦٻايل حق ، زور زبر ، ڏاڍائي ، زوري ، زبردستي صفت. هڙپ ڪيل ، ڦٻيل ، ڦٻايل ، زوريءَ قبضو ڪيل ، بي انصافي سان ورتل.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal