
Ultraviolet light
الٽراوايوليٽ لائيٽ
برقناطيسي پٽيءَ (electromagnetic spectrum) جي ڏسڻ ۾ نه ايندڙ روشني جيڪا واڱڻائيءَ کان بلڪل پوءِ ٿئي ٿي. ڊگهي لهر واري الٽراوايوليٽ روشني کي الٽرا وايوليٽ اَي (UVA)، وچين کي الٽراوايولٽ بي (UVB) ۽ ننڍي لهر واري کي الٽراوايوليٽ سي (UVC) سڏجي ٿو. الٽراوايوليٽ لائيٽ سج جي روشنيءَ ۾ ٿئي ٿي. ان جو گهڻو حصو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي پھچڻ کان اڳ ۾ اوزون جي تھه ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. جيڪا الٽراوايوليٽ روشني (مکيو طور تي الٽراوايوليٽ اَي) ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي پھچي ٿي ته چمڙيءَ جو رنگ سانورو ڪري ڇڏي ٿي ۽ وٽامن ڊي (vitamin D) پيدا ڪري ٿي، ان جا ھاڃيڪار اثر چمڙيءَ جي ڪينسر پيدا ڪري سگهن ٿا (ڏسو، sunlight, adverse effects of). ورلي، الٽراوايوليٽ روشني، فوٽوٿراپيءَ (phototherapy) ۾ استعمال ڪجي ٿي. مرڪيوري ويپر لئپ (mercury-vapour lamp/Wood’s light) به الٽراوايوليٽ روشني پيدا ڪري سگهي ٿي جيڪا چمڙيءَ جي بيمارين جھڙوڪ ٽينيا (tinea) جي تشخيص لاءِ استعمال ڪجي ٿي. ڇاڪاڻ ته متاثر حصي کي فلوريسينس ڪري ڇڏي ٿي.
حلق بند ڪرڻ
زبان بند ڪرڻ. ماٺ ڪرڻ. چُپ ڪرائڻ. چُپ ڪرائي ڇڏڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal