SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ultrasound scanning

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ʌltrəsaund
  • skæniŋ
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Ultrasound scanning

ال.ٽرا.سائونڊ ـ اسڪيننگ

بيماري تشخيص ڪرڻ جو ھڪ اھڙو طريقو جنھن ۾ جسم ۾ وڏي تعدد واريون آوازي لهرون گذاري موٽ کائيندڙ پڙاڏن مان اندرين عضون يا ڳڀيرڻ ۾ موجود ابھم جي تصويرن رستي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي. ھي طريقو بنا تڪليف ۽ سلامتيءَ وارو ٿئي ٿو. الٽراسائونڊ لهرون ھڪ ٽرانسڊيوسر (transducer) پيدا ڪري ٿو جيڪو جسم جي چمڙيءَ جي ان حصي مٿان رکجي ٿو جيڪو تپاسڻو ھجي ٿو. ٽرانسڊيوسر ۾ ھڪ اھڙو قلم (crystal) ٿئي ٿو جيڪو برقي لهر کي آوازي لهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، اھي بنا دير ملائم ٽشوئن ۽ پاڻيٺ مان پار پئجي وڃن ٿيون جنھن سبب ھن طريقي کي پاڻيٺ ڀريل يا ملائم عضون جي چڪاس لاءِ ڪارائتو ڪري ڇڏين ٿا. الٽراسائونڊ جو عام استعمال حمل دوران ڪنھن وقت به ڳڀيرڻ ۽ ابھم جي چڪاس ڪجي ٿي جڏھن ته گهڻو عام 18 کان 20 ھفتن دوارن چڪاس ڪرڻ ٿئي ٿي. جنھن سان ابھم جي عمر، قد ۽ ٿيندڙ واڌ جو اندازو، ھڪ کان وڌيڪ ٻارن ھجڻ جي ڄاڻ ۽ ڪن مسئلن جھڙوڪ: نيورول ٽيوب ڊفيڪٽ (neural tube defects) جي تشخيص ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏھن ڪن مسئلن جھڙوڪ: اِڪٽوپڪ پريگننسي (ectopic pregnancy) جو شڪ ھجي ته حمل جي اوائل ۾ انھن جي به ڄاڻ رکي سگهجي ٿي.الٽراسائونڊ اسڪيننگ رستي نون ڄاول ابھمن جي کوپريءَ جي وٿيءَ رستي انھن جي مغز جي به چڪاس ڪري سگهجي ٿي (مثال طور؛ ھيڊروسيفيلس). الٽراسائونڊ رستي ڪيترن قسمن جا نقص جھڙوڪ: سِراسس (cirrhosis)، پتي جون پٿريون (gallstones)، ھيڊرونيفروسس (hydronephrosis) ۽ پئنڪريئاٽيٽس (pancreatitis) به تشخيص ڪري سگهجن ٿا. ڊاپلر الٽراسائونڊ، جي جديد طريقي ۾ ڊاپلر افيڪٽ (Doppler effect) استعمال ڪندي چرپر ڪندڙ جسمن جي جاچ ڪجي ٿي. ان طريقي سان پيٽ واري ابھم جي دل جي ڌڙڪن ۽ رت نلين ۾ رت جي وھڪري جي رفتارجاچي سگهجي ٿي.


.


Other Phrases of Ultrasound scanning used in Daily life:

Remember Me Also:

متفق

مُتَفِقُ

صفت. (ع). اتفاق ڪندڙ، مليل، شامل، ڳنڍيل، گڏيل، متحد، ايڪي ۾، يڪ مشت. هڪ راءِ ، هڪ زبان، هم زبان، هم صلاح، هم مشوره، هڪ ڳالهه، يڪ راءِ ، هڪ صلاحيو، هڪ مَتيو، بلا اختلاف ، هڪ دليو، متفق راءِ ، سَمَتِ. لاڳاپيل، واسطيدار، واسطو رکندڙ، نِسَبتي

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal