
Ulcerative colitis
اَل.سري.ٽِو ـ ڪو.لاءِ.ٽس
وڏي آنڊي (colon) ۽ مقعد (rectum) جي استر جي شديد سوزش ۽ السر يا خاص طور تي بيماريءَ جي شروعات ۾ رڳو مقعد جي. السريٽو ڪولائيٽس جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي، جڏھن ته بيماري نوجوانن ۽ وچولي عمر جي فردن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي. السريٽو ڪولائيٽس جي مکيو نشاني رتھڻا دست/ سوري ٿئي ٿي ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته ڪرفتي ۾ لعاب به موجود ھجي. گنڀير حالتن ۾ دست ۽ رت گهڻي اچي ٿي، پيٽ جو سور ٿي پوي ٿو، ڏکڻائپ، بخار ۽ عام ناچاڪائيءَ جو احساس ٿئي ٿو. السريٽو ڪولائيٽس جا حملا گهڻا مختلف ٿين ٿا. گهڻا عام ڪجهه مھينن کانپوءِ پوندا رھن ٿا. جڏھن ته ڪن حالتن ۾ رڳو ھڪ ڀيرو تڪليف ٿي پوي ٿي. السريٽو ڪولائيٽس سبب رت جي پوڻائي (anaemia) ٿي پوي ٿي. ٻين پيچيدگين ۾ ھڪ زھريلو قسم ميگاڪولون (megacolon) پيدا ٿي موتمار ٿي سگهي ٿو، ڊٻڙ ٿي پون ٿا، افٿوس السرون (ulcers) ٿي پون ٿيون، آرٿرائيٽس (arthritis)، ڪنجنڪٽيوائيٽس (junctivitis) يا يووِيئائيٽس (uveitis) ٿي سگهن ٿيون. وڏي آنڊي جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو به وڌي سگهي ٿو (ڏسو، colon, cancer of). تشخيص جو مدار مقعد ۽ آنڊي جي ھيٺين حصي جي چڪاس (ڏسو، sigmoidoscopy) يا سڄي آنڊي تپاسڻ تي ٿئي ٿو (ڏسو، colon, cancer of). سگموئيڊواسڪوپي يا ڪولونواسڪوپيءَ دوران بايوپسي (biopsy) به ڪري سگهجي ٿي. ليبارٽريءَ مان ڪرفتيءَ جي چڪاس به ڪرائي ڏسي سگهجي ٿو ته ان جو ڪارڻ بئڪٽيريا يا پئراسائيٽ ته نه آھن. تشخيص لاءِ رت جون تپاسون (blood tests) ۽ پيٽ جي ايڪسري ڪري سگهجي ٿي. السريٽو ڪولائيٽس جي علاج لاءِ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid)، ميسالازِن (mesalazine) ۽ اِميونوسپريسنٽ (immunosuppressant) دوائون ڏجن ٿيون. شديد حملي جي حالت ۾ جڏھن ٻيا علاج اثرائتا ثابت نه ٿيندا ھجن يا جيڪي فرد آنڊي جي ڪينسر ٿيڻ جي وڏي خطري ۾ ھجن تڏھن ڪوليڪٽومي (colectomy) ڪري سگهجي ٿي.
بتو چاڙهڻ
سون، چانديءَ يا ڪنهن ٻئي ڌاتُوءَ جي ڪُشتي ڪرڻ وقت ڪوٺاريءَ جي مٿان ڍڪ چاڙهڻ ، گِل حڪمت ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal