SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ulcer-healing drugs

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ʌlsər
  • hiːliŋ
  • drʌgstɔːr
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Ulcer-healing drugs

ال.سر ـ ھيلنگ ـ ڊرگس

اھڙيون دوائن جيڪي پيپٽِڪ السرن (peptic ulcers) جي علاج يا بچاءَ لاءِ استعمال ڪجن. ھيليڪوبيڪٽر پائلوري (Helicobacter pylori) سبب ٿيندڙ بيماري جو اينٽيبِياٽڪ (antibiotics) دوائن رستي علاج ۽ ھڪ اھڙي دوا جنھن رستي تيزاب جي پيداور گهٽائي سگهجي ھاڻ پيپٽڪ السر جو ترجيحي علاج سمجهيو وڃي ٿو. السر ڇٽائيندڙ دوائون ڪيترن طريقن سان ڪم ڪن ٿيون. انھن جا ايڇ2 رسپٽر اينٽاگونسٽ ھسٽامن جي اثر کي ٻنجيندي، جنھن سبب معدي ۾ تيزاب جي پيداوار گهٽائيندي السرن جي ڇٽڻ کي تيز ڪري ٿي. اينٽاسڊ (antacid) دوائن جو باقاعدگيءَ سان استعمال ڊيوڊينل السرن جي ڇٽائڻ ۾ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته، اھي دوائون واڌو تيزابيت کي بي اثر ڪري ڇڏين ٿيون. ميسوپروسٽول (misoprostol) ۽ پروٽون پمپ انھبيٽر (proton pump inhibitors) جھڙوڪ: اوميپرازول (omeprazole) تيزاب جي پيداوار گهٽائڻ سان اثرائتا ثابت ٿين ٿيون. السر ڇٽائيندڙ ٻيون دوائون جھڙوڪ: سڪرالفيٽ (sucralfate) لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته اھي السر جي مٿان بچاءَ جو ھڪ تھه پيدا ڪري ھيٺان واري ماس/ ٽشوئن جي ڇٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.


Remember Me Also:

ڏڇليو

ذ. هولِي کانپوءِ ڏَسمِي جي ڏينهن وارو ايڪاڻو ، ڏَسَلِيو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal