SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ulcer, aphthous

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ʌlsər
  • aphthous
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Ulcer, aphthous

اَل.سرـ افٿس

ھڪ اھڙي قسم جي ننڍڙي پيڙاڪن السر جيڪا اڪيلي يا جهڳٽي جي صورت ۾ ڳل جي اندرين پاسي يا چپ يا ڄڀ جي ھيٺان پيدا ٿئي ٿي. افٿس السرون 10 ۽ 40 سالن جي عمر ۾ عام ٿين ٿيون ۽ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي وڌيڪ متاثر ڪن ٿيون. شديد متاثر فردن ۾ لاڳيتو اٿلنديون رھن ٿيون جڏھن ته ٻين کي ھر سال ھڪ يا ٻه ڀيرا ٿينديون رھن ٿيون. عام طور تي ھر السر ننڍڙي، بيضوي، وچ تي خاڪي، پاسن کان ڳاڙھي، سوزشي پِڙ سان ٿئي ٿي. عام طور تي جيڪا السر 1 کان 2 ھفتن تائين ھلي ٿي اھا ھيمولائيٽڪ اسٽريپٽوڪوڪس (Haemolytic streptococcus) بئڪٽيريا جي گهڻ حساسيت جي ردعمل ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي. عام طور تي ان سان ٻيا لاڳاپيل عنصر معمولي زخم ٿين ٿا (جھڙوڪ: سئي يا ڏندڻ جو چُڀيل ھنڌ)، شديد پريشاني يا الرجيون (جھڙوڪ: rhinitis). عورتن ۾ افٿس السرون ماھواري کان اڳ واري عرصي ۾ گهڻيون عام ٿي پون ٿيون. ممڪن ٿئي ٿو ته اھي تڏھن به گهڻيون ٿي پون جڏھن ٻين گهر ڀاتين کي اٿلي پونديون ھجن. وات لاءِ استعمال ٿيندڙ اينلجيسڪ (analgesic) يا مائوٿ واش استعمال ڪرڻ سان ممڪن ٿئي ٿو ته افٿس السرن جو سور گهٽجي وڃي. ڪي مکَ واٽرپروف ٿين ٿا جنھن سبب انھن جي ڇٽڻ دوران انھن جو بچاءُ ڪن ٿا. السرون پنھنجو پاڻ ڇٽي وڃن ٿيون تنھن ھوندي به ھڪ ڊاڪٽر جو ڪا اھڙي دوا تجويز ڪرڻ ضروري ٿئي ٿي جنھن ۾ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) موجود ھجي.


Remember Me Also:

پاٿڙ

ث. صفت. ڍُڪي ٻڪري جنهن جي ٿڻ ۾ کير اچي ويو هجي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal