SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Typhoid fever

(click word to listen sound
  • 🔊
  • taifɔid
  • fiːvər
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Typhoid fever

ٽائيفائيڊ فيور

تپ محرقه ، وڏو تپ، مدي جو بخار


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Typhoid fever

ٽاءِ.فوائڊ ـ فيور

مدي جو بخار/ آنڊي جو تپ. ھڪ اھڙي وچڙندڙ بيماري جيڪا بيڪٽيريم نالي سالمونيلا ٽائفي (Salmonella typhi) سبب غليظ ٿيل کاڌي يا پيتي واپرائڻ ڪري ٿي پوي ٿي. ڪسين جي اھڙي گندي پاڻيءَ پيئڻ سبب ٿئي ٿي جن جون بئڪٽيريا، مکيون ڪرفتيءَ کان کاڌي تائين پکيڙين ٿيون. پھرين نشاني بيماري ٿيڻ کانپوءِ 7 کان 14 ڏينھن اندر مٿي جو شديد سور، پوءِ بخار، بک جو مري وڃڻ، اَگهائپ (malaise)، پيٽ جو ڏکڻو ٿي پوڻ، قبضي ۽ عام طور تي وڦل/ ڊليريم ٿئي ٿي. بيماريءَ جي ٻئي ھفتي دوران ڇاتيءَ ۽ پيٽ تي گلابي نشان پيدا ٿي پون ٿا ۽ جيرو ۽ تري وڌي وڃي ٿي. بيماريءَ جي پڪ ڪرڻ لاءِ رت جي تپاس ڪجي ٿي يا ٽائفائائيڊ بئڪٽيريا جو رت، ڪرفتيءَ يا پيشاب مان ڪلچر ڪري ڏسجي ٿو. علاج اينٽيبياٽڪ دوائن رستي ڪجي ٿو. ورلي حالتن ۾ صحت بحال ٿيڻ کانپوءِ به بيڪٽيريم خارج ٿيندي رھي ٿي. جن علائقن ۾ صحت صفائيءَ جون حالتون درست نٿيون ھجن اوڏانھن سفر ڪرڻ کان اڳ ۾ ويڪسينيشن ڪرائڻ جي سفارش ڪجي ٿي.


Remember Me Also:

گهيٻٽ

ذ . ٻار جو روسامو ، کيٽو ، ڪروڌ ، ڪل ڪل ، ضد.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal