
Turner’s syndrome
ٽر.نرس ـ سنڊ.روم
ڪروموسوميائي نقص سبب پيدا ٿيندڙ ھڪ بيماري جيڪا رڳو عورتن/ مادين کي متاثر ڪري ٿي. نقص ٽن مان ڪنھن ھڪ طريقي سان پيدا ٿي سگهي ٿو: متاثر عورتن کي ٻن مان رڳو ھڪ ايڪس ڪروموسوم (X chromosome) ٿي سگهي ٿو، کين ھڪ عام رواجي ۽ ھڪ ناقص ڪروموسوم ٿي سگهي ٿو يا سيلن جي ملاوت ھجي ٿو (ڏسو، mosaicism) جن مان ڪن ۾ ڪو ايڪس ڪروموسوم کٽل، ڪن ۾ واڌو ته ڪن ۾ عام رواجي ڪروموسومن جا رونگ طور/ ڪامپليمينٽ ھجن ٿا. ٽرنرس سنڊروم سبب ھڏڪاٺ ننڍو، ڳچيءَ جي چمڙي ڪلهن سان ڳنڍيل (weebing)، جنسي خاصيتن جي اوسر غائب يا عضون جي واڌ نٿي ٿئي يا اڻپوري ٿئي ٿي، ماھواري نه اچڻ (amenorrhea)، شاهه شريان جي ڪوآرڪيشن (coarctation، موروثي نقص سبب شاه شريان جي ھڪ حصي جو عام رواجيءَ کان سوڙھو ھجڻ) ۽ اکين ۽ ھڏن جا نقص ٿين ٿا. علاج لاءِ ٻالڪپڻي کان گروٿ ھارمون (growth hormone) ڏيڻ سان ٽرنرس سنڊروم واريون ڇوڪريون جھڙوڪر عام رواجي قد ماڻي سگهن ٿيون. شاه شريان جي ڪوآرڪيشن جو آپريشن رستي علاج ڪجي ٿو. ايسٽروجن (oestrogen) دوائن ڏيڻ سان ماھواري شروع ٿي سگهي ٿي پر متاثر ڇوڪري ويجهھ/اولاد واري (fertile) ٿي نٿي سگهي جڏھن ته ڪي اِنوِٽرو فرٽيلائيزيشن (in vitro fertilization) جهڙن طريقن رستي حامله ٿي سگهن ٿيون.
جلڻ
مصدر. [پرا. جلڻ. سن. جوَلَنَ. جُول = ٻَرڻ] سڙڻ ، ٻرڻ ، کامڻ ، پَچڻ. ڀَسَم ٿيڻ. حسد ڪرڻ ، ساڙ رکڻ ، پوسرڻ. رَجهَڻ اندر ۾ ، ڪڙهڻ ، رشڪ ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal