ٽُرومن ڊاڪٽرين
ٽُرومئن جو نظريو
12 مارچ 1947ع ۾ آمريڪي ڪانگريس آڏو تقرير ڪندي آمريڪي صدر ’هئري ٽُرومئن‘ (1945-1953ع ) ڪميونزم کي روڪڻ ۽ آپيشاهيءَ تي ٻڌل نظام جي اڳرائيءَ کي روڪڻ بابت هڪ پاليسي جاري ڪئي، جيڪا اڳتي هلي ٽُرومئن تعليمات (Truman Doctrine) جي نالي سان مشهور ٿي. صدر ٽُرومئن جي ڏنل هن خاڪي هيٺ يورپ جي ٻن مُلڪن تُرڪي ۽ يونان کي آمريڪا طرفان وڏي پئماني تي فوجي ۽ معاشي امداد ملي، ڇاڪاڻ جو ٻئي ملڪ سوويت يونين جي اثر (Influence) کي تمام گهڻو ويجها هُئا ۽ تُرڪيءَ کي ته سوويت يونين طرفان حملي جون ڌمڪيون به مليون هُيون. هن حڪمت عمليءَ ڪري انهن علائقن ۾ امن جي بحاليءَ ۾ مدد ملي ۽ سوويت يونين جي دٻاءَ کي روڪيو ويو. هن نظريي تحت آمريڪا طرفان سوويت يونين ڏانهن اتحاديءَ (ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران) بجاءِ مخالف جو رويو اختيار ڪيو ويو. ڪي مبصر ان تبديليءَ کي آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ لڳل”سرد جنگ“ جي شروعات سمجهن ٿا
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal