عارضي امن
عارضي جنگ بندي- عارضي صُلح
ٽُروس
عارضي جنگبندي
طبعي جنگ کي عارضي طور بندڪرڻ جو اهڙوعمل، جنهن ذريعي جنگ ۾ ٿيل زخمين ۽ بيمارن کي ميدان مان محفوظ جاءِ تي منتقل ڪري سگهجي يا کين خوراڪ ۽ طبي امداد پهچائي سگهجي. ان کان علاوه مستقل جنگبندي يا تڪرار جي خاتمي لاءِ ورتل ابتدائي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٿيل ابتدائي صلح لاءِ به هي اصطلاح استعمال ٿئي ٿو. مُذاڪرات لاءِ ٿيندڙ ان قسم جون ڪوششون ترت نتيجو ڏيندڙ يا بنا نقصان جي به ڪيون وينديون آهن. مثال طور ڪوريائي جنگ (53-1950ع) دوران هڪ پاسي وڙهندڙ ڌُرين ۾ ڳالهيون هلي رهيون هيون، ته ٻئي پاسي لڙائيءَ ۾ ماڻهو مري رهيا هُئا. آمريڪا جا ڳالهين کان اڳ يا پوءِ ايترا فوجي ۾ نه مُئا، جيترا ڳالهين هلندي مُئا. ’عارضي جنگبنديءَ‘ هيٺ ٻن ڌُرين وچ ۾ خوني تڪرار روڪڻ لاءِ عام طور تي ٽين ڌُر کي وچ ۾ پوڻ لاءِ چيو ويندو آهي، جيڪا تڪڙا رابطا ڪري گهربل مُذاڪرات ڪرائيندي آهي. اڄ ڪلهه عام طرح سان گڏيل قومن جي اداري کي اها ذميواري سونپي وڃي ٿي. عرب - اسرائيل تڪرار ۾ گڏيل قومن جو ڪردار ان سلسلي ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو
نيرن
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal