
ڏڪڻي، ٿڙڪڻي، لرزش
Tremor
ٽريم.ر
ڏڪڻي، ڦڙڪو. جسم جي ڪنھن حصي، گهڻي عام ھٿن، پيرن، ڄاڙيءَ، ڄڀ يا مٿي جي مشڪن جي خودمختيار، تال ۾ ٿيندڙ لرزش. ڏڪڻي مشڪ جي تيزيءَ سان واري وٽيءَ سان ٿيندڙ ڀيڪوڙجڻ ۽ ڍلي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي. عام طور تي ڪيترا ماڻھو، اَڊرينيلائين/ اپينيفرين (adrenaline/epinephrine) ھارمون جي گهڻي پيداوار سبب ڏڪڻي جو تجربو محسوس ڪن ٿا. پيرسنن ۾ ھلڪي دائمي ڏڪڻي عام ٿئي ٿي. اسينشل ٽريمر (Essential tremor) خاندانن ۾ ھلڪي کان وچٿري تائين ٿيندو رھي ٿو الڪوحل جي ٿورڙي مقدار واپرائڻ يا بيٽا بلاڪر (beta-blocker) دوائن سان ختم ٿي وڃي ٿو. ڪورس ٽريمر (Coarse tremor) آرام واري حالت ۾ ( في سيڪنڊ ۾ 4ـ5 مشڪن جو ڦڙڪڻ) ٿئي ٿو ۽ چرپر واري حالت ۾ گهٽجي وڃي ٿو عام طور تي پارڪنسنس ڊزيز (Parkinson’s disease) جي نشاني ٿئي ٿي. انٽينشن ٽريمر (Intention tremor) سيريبيلر اَٽئڪسيا (cerebellar ataxia) جي نشاني ٿي سگهي ٿي. انھن کانسواءِ ملٽيپل اسڪليروسس (multiple sclerosis)، ولسنس ڊزيز (Wilson’s disease)، مرڪيوري پوائزننگ (mercury poisoning)، ٿائروٽاڪسيڪوسس (thyrotoxicosis) يا ھيپيٽڪ اِنسيفيلوپيٿي (hepatic encephalopathy)، دوائن جھڙوڪ: ايمفيٽامائين (amphetamines) ۽ ڪيفين (caffeine)، نشي پتي جي دوائن سميت الڪوحل ڇڏڻ سبب به ڏڪڻي پيدا ٿي سگهي ٿي.
پڊ
اسم خاص. سڪرنڊ ۽ ميرپور بٺوري تعلقي ۾ هڪ ديهه جو نالو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal