ٽريٽي آف ورساءِ
ورسيليز جو معاهدو
28 جون 1919ع تي فرانس جي راڄڌاني پئرس ۾ ورسيليز جي ”شيشي واري محلات“ ۾ هي معاهدو اتحادي فوجن ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ ٿيو، جنهن کان پوءِ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جو باقاعدي خاتمو عمل ۾ آيو. جيتوڻيڪ ٻنهي جنگي ڌرين ۾ لڙائي ته 11، نومبر 1918ع تي بند ٿي چُڪي هئي، پر ڇهن مهينن جي ڊگهي بحثا بحثيءَ کان پوءِ هي حتمي امن معاهدو طئه ٿيو. هن معاهدي جي مُک شرطن هيٺ جرمنيءَ کي پهرين عالمي جنگ ۾ ٿيل تباهيءَ لاءِ مڪمل طور ذميوار سمجهندي، کيس غير هٿياربند ڪرڻ، سندس سُکيو ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال وڏو علائقو مختلف اتحادي ملڪن ۾ ورهائڻ ۽ جنگ جو تاوان ادا ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو ويو. جنگي تاوان جي ڪل رقم 132 بلين مارڪ (6600 ملين پائونڊ) مقرر ڪئي وئي، جيڪا معاشي ماهرن موجب جرمني 1988ع کان اڳ مڪمل طور ادا نه پئي ڪري سگهيو. هن معاهدي کي ترتيب ڏيڻ ۾ برطانوي وزيراعظم ’لائيڊ جارج‘، آمريڪي صدر ’وُوڊ رو ولسن‘ ۽ فرانسيسي نمائيندي ’ڪليمنس‘ جو وڏو هٿ هو. سياسي ماهرن جو خيال آهي ته ورسيلز جي معاهدي تحت جرمنيءَ مٿان جيڪي سخت شرط مڙهيا ويا. انهن جي نتيجي ۾ سندس السيس، لورين، يوپين، مالميڊي، شيليسوگ، هلشن، اولهه پروشيا، پوزن ۽ سيلشيا جا علائقا اتحادين پاڻ ۾ ورهائي کنيا، جڏهن ته سار، دانزگ ۽ ميمل جا علائقا ”ليگ آف نيشنس“ جي تحويل ۾ ڏنا ويا. جرمنيءَ جي فوج فقط هڪ لک جي انگ تائين محدود ڪئي وئي، جنهن کي به ٽئنڪن رکڻ جي اجازت نه هئي، جڏهن ته جرمن هوائي فوج ختم ڪري فقط 6 ننڍا سامونڊي ٻيڙا رکڻ ڏنا ويا. ان کان علاوه اتحادي فوج کي 15 سالن تائين جرمنيءَ ۾ رهڻ جي سهولت ملي. هن معاهدي تحت معاشي طور جرمنيءَ کي نپوڙي تباهه ڪيو ويو ۽ آسٽريا سان سندس ڳانڍاپي تي بندش هنئي وئي. مبصرن جو خيال آهي ته هن معاهدي يورپ ۾ جنگ ۽ جنگي رجحان کي ختم ڪرڻ بجاءِ اُن کي وڌايو ۽ ان معاهدي جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جنم ورتو. هن معاهدي جرمنيءَ جي عوام ۽ ان جي باشعور حلقي ۾ ”قومي بيعزتيءَ“ جو تاثر پيدا ڪيو ۽ جنگ کان پوءِ اتحادين طرفان مٿن مڙهيل شرطن کي جرمنيءَ سان ڏاڍائيءَ جي معنيٰ ۾ ورتو ويو. هن معاهدي کي زوريءَ جرمنيءَ مٿان مڙهيندي، ان جا شرط ابتدا ۾ پڌرا نه ڪياويا، پر بعد ۾ اصل شرطن جي خبر پوڻ تي جرمنيءَ جي سياسي توڙي غير سياسي حلقن ۾ شديد تاءُ پيدا ٿيو. اهو معاهدو دراصل جرمنيءَ لاءِ چِڪندڙ ڦٽ بڻجي پيو، جنهن آخرڪار جرمنيءَ ۾ آمريت لاءِ ماحول سازگار ڪيو. جرمن ’آمر ايڊ الف‘ هٽلران صورتحال کي محسوس ڪندي، اتحادي مخالف سياست کي پنهنجي پروگرام جو حصو بڻائي، جرمنيءَ ۾ انتقام ۽ جنگ لاءِ ماحول تيار ڪيو ۽ 1933ع ۾ اقتدار سنڀاليندي ئي هن نه فقط ورسيليز جي معاهدي کي ختم ڪري ڇڏيو، پر ان معاهدي جي نتيجي ۾ ٿيل تذليل جو پلئه ڪرڻ جو اعلان ڪندي، ٻي عالمي جنگ لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون
لالسا
ذ . لالچ ، لوڀُ، حِرصُ، طمع. سِڪ ، ڇِڪ ، اُڪِير ، حُبَ، اُڪنڊ ، تانگهه.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal