
Transient ischaemic attack/TIA
ٽران.شينٽ ـ اسڪيمڪ ـ اٽئڪ/ ٽي آءِ اي
مختصر عرصي لاءِ دماغ ڏانھن رت جي رسد ۾ خلل پوڻ سبب ديد، نظر، ڳالهائڻ، حس يا چرپر ۾ عارضي خلل پوڻ جيڪو عام طور تي ڪجهه منٽن يا ڪجهه ڪلاڪن تائين ھلي سگهي ٿو ۽ تڪليفون 24 ڪلاڪن اندر مڪمل طور تي ختم ٿي وڃن ٿيون. ورلي، ٽي آءِ اَي کي مني اسٽروڪَ (mini strokes) سڏجي ٿو ۽ انھن کي اسٽروڪ سمجهي سگهجي ٿو. ٽي آءِ اي رت جي ڪنھن دڳ (ڏسو، embolism) سبب پيدا ٿي دماغ کي رت مھيا ڪندڙ شريان جي ٻنج يا اَٿيرواسڪليروسس (atherosclerosis) سبب ڪنھن شريان جي سوڙھي ٿيڻ سان پيدا ٿي سگهي ٿو. ٽي آءِ اَي جي حالت ۾ ڪن تپاسن جھڙوڪ: رت جي تپاسن (blood tests)، سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning)، ايم آر آءِ (MRI)، الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning)، اِڪوڪارڊيوگرافي (echocardiography)، اليڪٽروڪارڊيوگرافي (electrocardiography) ۽ اينجيوگرافي (angiography) رستي اصل ڪارڻ جي ڄاڻ رکڻ ضروري ٿي پوي ٿي. علاج جو مدار اسٽروڪ جا اپاءَ وٺڻ تي ٿئي ٿو جيڪو 1 سال اندر 10 سيڪڙو مريضن کي ٿي سگهي ٿو. علاج ۾ شامل ٿين ٿا اينڊاٽيريڪٽومي (endarterectomy)، اينٽي ڪوآگيولنٽ (anticoagulant) يا ايسپرِن (aspirin) دوائون. ڪنھن به خطري واري پھلوءَ جھڙوڪ: ھائپرٽينشن (hypertension) ۽ ھاءِ بلڊ ڪولسٽيرال جو علاج ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿو. تماڪ کان پرھيز ڪرڻ لازمي ٿئي ٿي.
ستهين
ث. چنڊ جا پهريان سَتَ ڏينهن. چنڊ جو سَتون ڏينهن.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal