ٽريڊ آف
سوديبازي ڪرڻ- سهولت ڏيڻ
سفارتڪاريءَ سان لاڳاپيل هيءُ اصطلاح ڪن به ٻن مُلڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن مطابق مذڪوره ٻئي رياستون ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجون پنهنجون ترجيحون بيان ڪري ڇڏينديون آهن. اهڙي ڏي وٺ ڪنهن به معاهدي ذريعي پوري ٿئي ٿي، يا ڪنهن به معاهدي کي تشڪيل ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. اُها ڏي وٺ ساڳين يا مُختلف معاملن بابت ٿي سگهي ٿي. هن اصطلاح کي عام طور ٻن رياستن طرفان هڪٻئي کي سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان به استعمال ڪيو وڃي ٿو. جن ۾ هوائي جهازن جي لهڻ يا سامونڊي جهازن کي مڇي مارڻ جا اختيار ڏيڻ جهڙيون سهوليتون شامل آهن. هي بندوبست انهن ڳالهين ۾ نتيجو ڏيندڙ ٿئي ٿو، جتي سهولتن کي ڳڻي يا بيان ڪري سگهجي، جيئن ڪاروباري معاملن ۾ چٽائي هُجڻ ڪري سهولتن جي نوعيت ۽ سطح بيان ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. انهيءَ وهنوار ۾ ٻه رياستون هڪٻئي کي ڪن مخصوص وکرن جي حوالي سان سهولت ڏيندي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏ قومي مفاد جو تحفظ به ڪن ٿيون
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal