
Toxocariasis
ٽاڪ.سو.ڪو.ريا.ئيسس
ٽوڪسوڪيرا ڪينس (Toxocara canis) جي لارويءَ سبب انسانن، عام طور تي ٻارڙن کي ٿيندڙ بيماري جيڪو ھڪ ننڍڙو ڌاڳي جھڙو ڪينئون ڪتن جي آنڊن ۾ رھي ٿو. جيڪي ٻار متاثر ڪتي سان راند رھن ٿا يا ڪتي جي ڪرفتيءَ سبب غليظ ٿيل مٽيءَ ۾ راند ڪن ٿا ۽ پنھنجيون آڱريون وات ۾ وجهن ٿا ته ڪينئن جا آنا ڳھي وڃن ٿا. آنا، آنڊن ۾ ڦٽي ٻچا پيدا ڪري جيري، ڦڦڙ، مغز ۽ اکين ڏانھن منتقل ٿي وڃن ٿا. عام طور تي ھلڪو بخار ۽ اگهائپ ٿي پوي ٿي ۽ جلد ڇڏي وڃي ٿي. جڏھن ته انھن جي غيرمعمولي گهڻي روڳ سبب نمونيا (pneumonia) ۽ جهٽڪا (seizures) پئجي سگهن ٿا. جيڪڏھن لاروي اکين ۾ داخل ٿي مري وڃي ته نظر وڃي سگهي ٿي. تشخيص لاءِ رت جون تپاسون، ايڪسري ۽ جيري جي بايوپسي ڪجي ٿي. سنگين حالتن ۾ اسپتال ۾ اينٿيلمنٽڪ (anthelmintic) ۽ اينٽي ڪنولسنٽ (anticonvulsant) دوائن رستي علاج ڪجي ٿو.
ڀلڻ
مصدر. [سن. ڀرَم = ڀُلجڻ] ڀُلَ ڪرڻ ، چُڪَ ڪرڻ ، غلطي ڪرڻ. مُنجهڻ ، گمراهه ٿيڻ. رستو وڃائڻ. وِسرڻ. ويساهجڻ ، ڀنڀلجڻ ، ٺَڳجڻ. ڏاڍي جِي هيڻي مٿان ڏمر جي نگاهه رکڻ ”لهريون لُڙ، لطيف چئي، ڀيلي تي ڀُلَنِ“ شاهه. ڪنهن جو پاڻ کي ڏاڍو ۽ ٻئي کي هيڻو سمجهي، ان هيڻي
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal