
ڇُهڻ- هٿ لڳائڻ- لهه وچڙ ۾ اچڻ
Touch
ٽچِ
ڇھڻ، ھڪ اھڙي حس ٿئي ٿي جنھن رستي چمڙيءَ جي ڪنھن جسم سان لاڳاپي ۾ اچڻ سان ان جي سائيز، ڊول، گرميءَ، مٿاڇري بناوت جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. اصل ۾ ڇھڻ ڪا ھڪ حس نٿي ٿئي پر ڪيتريون ٿين ٿيون. چمڙيءَ ۾ گرمي، سردي، دٻاءَ، سور، ھلڪي ۽ کھري ڇھاءَ جون ڪيتريون الڳ الڳ سڄي جسم ۾ گهٽ وڌ ھزارين تنتون پکڙيل ٿين ٿيون جنھن سبب ڪي ھنڌ ٿڌ، ڪي سور ته ڪي، گرميءَ يا دٻاءَ جي وڌيڪ موٽ ڏيندڙ ٿين ٿا، چمڙيءَ جون مرڪيلس ڊسڪون (Merkel’s discs) ۽ ميئيسنرس ڪارپسلس (Meissner’s corpuscles) گهرو دٻاءُ ۽ لرزش محسوس ڪن ٿا انھن ھنڌن تان سگنل حسي تنتن رستي مغزي ڏوريءَ رستي مغز جي ٿيليمس (thalamus) کان سينسري ڪارٽيڪس (sensory cortex) ڏانھن موڪليا وڃن ٿا جتي ڇھڻ جون پروڙيون پون ٿيون. اھڙي ھر قسم جي تنت جي رسيونگ اينڊ تي مختلف جوڙجڪ ٿئي ٿي. جسم جا مختلف حصا سور جي محرڪن ۽ ڇھاءَ لاءِ مختلف درجي جا حساس ٿين ٿا جھڙوڪ: اک جي قرنيا (cornea) پير جي تري جي ڀيٽ ۾ سور جي محرڪ لاءِ وڌيڪ حساس ٿئي ٿي (وڌيڪ ڏسو، sensation).
Related words with: Touch
قرآني
ذ. صفت. قرآن بابت قرآن جو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal