
ڄڀ، زبان، ٻولي، گفتار
گرامر noun
- اسم
ڄِڀَ / زبان
Tongue
ٽنگ
ڄِڀ. وات ۾ موجود مشڪن جي مچڪي جو جڙيل ۽ لعابي استر (mucous membrane) سان ڍڪيل ھڪ مشڪائون، لچڪدار عضوو. مشڪون ھيٺين ڄاڙيءَ سان ۽ گلي (larynx) مٿان ھايوڊ (hyoid) ھڏي سان ڳنڍيل ٿين ٿيون. ڄڀ جي مٿاڇري تان ننڍڙا اڀار جن کي پيپيلي (papillae) سڏجي اڀريل ٿين ٿا ۽ ڄڀ جي کھري بناوت بڻائين ٿا. ڄڀ جون گهڻيون سواد مکڙيون (taste buds) پيپيليءَ ۾ ٿين ٿيون. ڄڀ چٻاڙڻ، ڳھڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ اھم ڪم ڪري ٿي . ورلي، ڄڀ مان جسم جي عام حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. گلاسائيٽس (glossitis) سان گڏ رت جي پوڻائي (anaemia)، اسڪارليٽ فيور (scarlet fever)، غذائي اوڻائيون (malnutrition) ۽ عام روڳ/ انفيڪشن ھجن ٿا. ورلي، ايئن دوائن جي اُگرن اثرن سبب ٿي پوي ٿو. گلاسائيٽس جي ھڪ قسم سبب ڄڀ لسي، ڳاڙھي ۽ چمڪندڙ ٿي پوي ٿي. ڪيترين بيمارين ۾ تھدار (furry) به ٿي پوي پر ضروري ناھي ته اھا ڪنھن بيماريءَ جي نشاني ھجي. خشڪ ڄڀ مان ورلي جسم ۾ پاڻيٺن جي کوٽ ھجڻ جي ڄاڻ پوي ٿي يا ايئن بخار سبب به ٿي پوي ٿو. جڏھن انتھائي خشڪ ٿي وڃي ۽ چمڙي جھڙي لڳندي ھجي ته ان جو ڪارڻ يوريميا (uremia) ٿي سگهي ٿو.
Related words with: Tongue
ٽئڙ ٽرئڙ ٽئڙ ٽرئڙ
ذ. ٻه ڏينهن ڇڏي ٽئي ڏينهن ايندڙ تپ ، ٽِيئڙُ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal