ٽوڪيو رائونڊ
ٽوڪيو مُذاڪرات
سپٽمبر 1973ع کان وٺي اپريل 1979ع تائين گئٽ (GATT) جي سهائتا سان واپار بابت گهڻ - رُخيون ڳالهيون (MTN) منعقد ٿيون. گئٽ جي قيام کانپوءِ اهو ستون ڀيرو هو، جو اعليٰ پئماني تي بين الاقوامي واپار بابت دُنيا جي اسريل ۽ اُسرندڙ قومن سميت لاڳاپيل ڌُر جا ڊگها بحث ٿيا. ٽوڪيو ۾ ٿيل انهن مُذاڪرات ۾ بين الاقوامي واپار مان محصول ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ جي ڏس ۾ پيشقدمي ٿي، آزاد واپار لاءِ مُناسب ماحول جڙيو ۽ بين الاقوامي معاشي سرشتي ۾ واضح تبديليون آيون. ساڍن پنجن سالن تي ڦهليل ”ٽوڪيو رائونڊ مُذاڪرات“ جي نتيجي ۾ تيل جون معياري قيمتون مقرر ٿيون ۽ ناڻي جي مٽاسٽا جي ڏس ۾ پڻ بهتري آئي. ٽوڪيو مُذاڪرات کي پُراڻي معاشي سرشتي جي خاتمي ۽ نئين نظام جي قيام واري حوالي سان خصوصي اهميت حاصل آهي
ڦلهڙو
ذ. صفت. ڦلهي جو اسم تصغير ڪجهه ڦلهو. ضعيف. ڪمزور ، هيڻو ، نستو ، پؤڻو ، بي سگهو ، بيستو ، بي قوتو ، بي طاقت ، ڪم طاقت ، نَٻل ، اڀرو ، لاغر ، نحيف. نازڪ بدن ، ڪومل. ڪهلو ، ڪهڙو ، سست. ث. ڦلهڙي جمع ڦلهڙيون.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal