SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Toenail, ingrowing

(click word to listen sound
  • 🔊
  • touneil
  • ingrouiŋ
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Toenail, ingrowing

ٽو.نيلِ ـ اِنِگروئِنگ

پير جي آڱوٺي جي تڪليف ده حالت جنھن ۾ ھڪ يا ٻنھي پاسن جو نھن چمڙيءَ ۾ گهڙي انفيڪشن ۽ سوزش پيدا ڪري وجهي ٿو. جنھن جو ڪارڻ عام طور تي نھن جو درست طريقي سان نه ڪٽڻ يا سوڙھو بوٽ پائڻ ٿئي ٿو. روزانو، متاثر پير کي ھڪ يا ٻه دفعا گرم، تيز لوڻ مليل پاڻيءَ ۾ ڌوئڻ ۽ پوءِ نھن کي خشڪ پٽي ويڙھي ڇڏڻ سان عارضي فائدو ملي سگهي ٿو. اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائون به تجويز ڪري سگهجن ٿيون. ڪن حالتن ۾ نھن جي ڪَنِي ڪٽڻي پوي ٿي ۽ نيل بيڊ (nail bed) ڪڍڻو پوي ٿو ته جيئن وري اھڙي تڪليف پيدا ٿي نه سگهي.


Remember Me Also:

لغڙ

لَغَڙُ جمع لغَڙَ

ذ . ڪاغذ جو ٺهيل اڏامندڙ رانديڪو ، پتنگ. ننڍي جهاز جو هڪ قسم. (ڪار اکيو ڊگهن پرن وارو شڪاري پَکي)، ”جغڙ جي مادِي“. جهڳڙ باز جي مادي (جنهن جو رنگ ڪارو ۽ ڳاڙهو ۽ اکيون ڪاريون، شِڪار لاءِ پاليل باز جهڙو پکي، گپوڙو، ٻٽاڪَ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal