SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Thyroid cancer

(click word to listen sound
  • 🔊
  • θairɔid
  • kænsərəs
  • kænsər
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Thyroid cancer

ٿاءِ.روائڊ ـ ڪينسر

ٿائروائڊ غدود جي ورلي ٿيندڙ ڳوڙھي. گهڻين حالتن ۾ ان جي ڪارڻن جي ڄاڻ ڪونھي جڏھن ته شعاعدار فال آئوٽ (نيوڪليائي ڌماڪن جو ڇاڻ) ۾ وائکي ٿيڻ سان ان جي پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ان جا ڪيترا قسم ٿين ٿا جن جو مدار متاثر ٿيندڙ سيل تي ٿئي ٿو. جڏھن ته سڀني جي پھرين نشاني ڳچيءَ ۾ ھڪ سخت ڳوڙھيءَ (firm nodule) جو پيدا ٿيڻ ٿئي ٿو جيڪا آھستي آھستي يا تيزيءَ سان واڌ ڪري سگهي ٿي. گهڻين حالتن ۾ ڪينسر بنا سور جي ٿئي ٿي ۽ تڪليفون جھڙوڪ: ڳھڻ ۾ تڪليف ۽ آواز جو گهگهو ٿيڻ يا ختم ٿي وڃڻ تڏھن پيدا ٿئي ٿو جڏھن ڳوڙھي ٻين بناوتن تي دٻاءُ وجهي ٿي. تشخيص لاءِ ٿائروائڊ اسڪيننگ (thyroid scanning) ۽ نيڊل ايسپائريشن (needle aspiration) يا بايوپسي (biopsy) ڪجي ٿي. عام طور تي ٿائروائڊيڪٽومي (thyroidectomy) کانپوءِ ريڊيوايڪٽو آيوڊين (radioactive iodine) يا ريڊيوٿراپيءَ (radiotherapy) جي علاج سان رھيل ڪينسر ختم ڪري ڇڏجي ٿي. شفا جو مدار، تشخيص وقت سيل جي قسم، سائيز ۽ ڳوڙھي جي وگهر تي ٿئي ٿو. مريضن کي باقي عمر لاءِ ٿائراڪسن (thyroxine) جي نعم البدل علاج تي رھڻو پويٿو.


Remember Me Also:

وڙو

وَڙو جمع وَڙا

ذ . مٺائيءَ جو هڪ قسم (جا مصريءَ جي چاش ٺاهي ان ۾ ڌاڻن جو مغذ، خس خس ۽ سڪو ميوو وجهي ٺاهيندا آهن، کائڻ ۾ لذيذ ۽ دماغ کي طاقت ڏيندڙ) دال جو ٺاهيل طعام. ٻجن وغيره جي مٺائي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal