SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Thrombosis, deep vein

(click word to listen sound
  • 🔊
  • thrombosis
  • diːp
  • vein
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Thrombosis, deep vein

ٿرام.بوسس ـ ڊيپ ـ وين

. ٽنگ جي اونھين نسن ۾ ڪنھن ٿرامبس (thrombus) جو پيدا ٿيڻ. جنھن جو عام طور تي ٻٽو ڪارڻ يعني، جسم جي ھڪ حصي مان رت جي آھستي گردش ٿيڻ (جڏھن گهڻي دير تائين ويٺل رھجي يا جڏھن ٽشو دٻيل رھن ٿا جيئن ڊگهي ھوائي سفر ۾ ٿئي ٿو) ۽ رت ۾ دڳجڻ جو وڌيڪ لاڙو ھجڻ جيڪو سوڪھڙي، آپريشن يا ضرب کانپوءِ، حمل دوران ۽ حمل روڪ گوريون (oral contraceptives) واپرائيندڙ عورتن ۾ ٿئي ٿو.ڊِيپ وين وٿرامبوسس جو ڪارڻ پاليسيٿيميا (polycythaemia) به ٿي سگهي ٿي. ڊِيپ وين ٿرامبوسس انھن ماڻھن ۾ عام ٿئي ٿي جن جي دل درست طريقي سان ڪم نٿي ڪري، فالج (stroke) جو شڪار ٿيل ھجن ۽ ھڪ ڊگهي عرصي کان چرپر نٿا ڪن. ٽنگن جي نسن ۾ رت جا دڳ سور، ڏکڻائپ، سوڄ، چمڙيءَ جو بدرنگ ھجڻ، السر پيدا ڪري سگهن ٿا پر پوءِ به تڪليف پيدا نٿا ڪن. ڊيپ وين ٿرامبوسس پنھنجو پاڻ سنگين نٿي ٿئي پر دِڳ جو حصو ٽٽي رت جي دوري رستي ڦڦڙن تائين رسي سگهي ٿو. جنھن کي پلمونري اِيمبولزم (pulmonary embolism) سڏجي ٿو. تشخيص، ڊاپلر الٽراسائونڊ اسڪيننگ (Doppler ultrasound scanning) رستي ڪجي ٿي. علاج جو مدار دڳن جي ھنڌ ۽ مقدار تي ٿئي ٿو. ننڍن دڳن جي حالت ۾ جڏھن اھي پنين تائين محدود ھجن ۽ مريض به گهمي ڦري سگهندو ھجي تڏھن انھن جو علاج ڪرڻ ضروري نه به ٿي سگهي ٿو. نه ته اينٽي ڪوآگيولنٽ (anticoagulant) يا ٿرامبولائيٽڪ (thrombolytic) دوائون ڏجن ٿيون. جيڪڏھن ڪنھن پلمونري ايمبولزم سبب گهڻو خطرو ھجي ته ٿرامبيڪٽومي (thrombectomy) ڪري سگهجي ٿي.


Remember Me Also:

بڀڪي

ث. بَڀَڪَ ، ڌمڪي ، تڙي. اُڌمو. ڦُڙتيءَ واري چال.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal