SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Thrombosis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • thrombosis
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Thrombosis

ٿرومبوسز

رت جو ڄمڻ، رت ڄم سازي، رت جو دڳجڻ Clotting or the presence of a clot.


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Thrombosis

ٿرام.بو.سس

ڪنھن صحتمند رت نليءَ ۾ رت جي دڳ (thrombus) جو پيدا ٿيڻ. دل جي مشڪ کي رت مھيا ڪندڙ شريان ۾ پيدا ٿيندڙ دڳ (coronary thrombosis) عام طور تي مايوڪارڊيئل انفارڪشن (myocardial infarction) پيدا ڪري ٿو. دماغ جي شريان ۾ پيدا ٿيندڙ دڳ (cerebral thrombosis) فالج (stroke) ٿيڻ جو عام ڪارڻ ٿئي ٿو. ورلي ٿرامبي چمڙيءَ جي بلڪل ھيٺان نسن يا اونھين نسن (ڏسو، thrombosis, deep vein) ۾ پيدا ٿين ٿا.شريانن ۾ ٿرامبس جي پيدا ٿيڻ جا محرڪ اَٿيرواسڪليروسس (atherosclerosis)، تماڪ ڇڪڻ، ھائپرٽينشن (hypertension) ۽ رت نلين جي ڀتين کي نقصان رسائيندڙ آرٽيرائيٽس (arteritis) ۽ فليبائيٽس (phlebitis) ٿين ٿا. رت ڄمڻ جي لاڙي ۾ حمل، حمل روڪ گورين جي استعمال دوران يا ھڪ ڊگهي عرصي کان نه گهمڻ ڦرڻ سبب واڌارو ٿي سگهي ٿو. ممڪن ٿئي ٿو ته شرياني ٿرامبوسس (arterial thrombosis) جون تيستائين تڪليفون پيدا ٿي نه سگهن جيستائين رت جو وھڪرو متاثر نٿو ٿئي، ان کانپوءِ ٽشوءَ يا عضوي جو ڪم گهٽجي وڃي ٿو ۽ ورلي شديد سور پوي ٿو. نس جي ٿرامبوسس (Venous thrombosis) به سور ۽ سوڄ پيدا ڪري وجهي ٿي. تشخيص، ڊاپلر الٽراسائونڊ (Doppler ultrasound) رستي ڪجي ٿي. ڪن حالتن ۾ اينجيوگرافي (angiography) يا وينوگرافي (venography) به استعمال ڪري سگهجي ٿي. علاج لاءِ اينٽي ڪوئاگيولينٽ (anticoagulant) يا ٿرامبولائيٽڪ (thrombolytic)، نان اسٽيروائيڊل اينٽي انفليميٽري (nonsteroidal anti-inflammatory) ۽ اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائون ڏجن ٿيون. زندگيءَ کي خطري واريءَ حالت ۾ ٿرامبيڪٽومي (thrombectomy) جي ضرورت ٿي سگهي ٿي.


.


Other Phrases of Thrombosis used in Daily life:

Remember Me Also:

گڏجڻ مسجڻ

گڏجاڻي ڪرڻ ، ميلاپ ڪرڻ ، گَڏَڻُ، مِلڻ ، رِلڻ . هٿ ڏيڻ ، کيڪر ڪرڻ ، ڀلي ڪار ڏيڻ ، خوش آمديد چوڻ. رلي ملي وڃڻ ، يڪمشت ٿي وڃڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal