
Thrombophlebitis
ٿرام.بو.فلي.باءِ.ٽس
نس جي ڪنھن حصي جي سوزش عام طور تي چمڙيءَ جي بلڪل ھيٺان متاثر ھنڌ تي دڳ جو پيدا ٿيڻ. اھا حالت نس کي معمولي ڌڪ لڳڻ يا ويريڪوز نسن (varicose veins) جي پيچيدگيءَ يا برجرس ڊزيز (Buerger’s disease) کانپوءِ ٿي سگهي ٿي. متاثر رت نلي سڄي، ڳاڙھي ۽ ڏکڻي ٿي پوي ٿي ۽ سخت محسوس ٿئي ٿي. بخار ۽ اگهائپ ٿي سگهي ٿي. رت جو دڳ پيدا ٿي سگهي ٿو. علاج ۾ پٽين ٻڌڻ رستي سھائتا ڏيڻ، نان اسٽيروائڊل اينٽي انفلميٽري (nonsteroidal anti-inflammatory) دوائون ۽ ورلي انفيڪشن ھجڻ جي حالت ۾ اينٽيبياٽڪ (antibiotics ) دوائون استعمال ڪجن ٿيون. عام طور تي تڪليف 10 کان 14 ڏينھن ۾ ختم ٿي وڃي ٿي.
ڌڄ
ث. سن. ڌَڄَ = روشن] روشني ، چمڪو ، دَؤ ، ٻَهَڪَ. باهه. روپ ، شڪل ، ڍنگ. هوا. لباس ، پوشاڪ ، [سن ڌَوجَا = جهنڊي] ٻيڙيءَ جي جهنڊي ، جهنڊي ، بيرق ، ڌڄا ، بانئُٽو. جيئن، ”ڌڄون ٿيون دنئُڪنِ، آيل سامونڊين جون“ خان زئي. چنڊ جون پهريون پندرهن راتيون، نئون چنڊ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal