SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Thrombocytopenia

(click word to listen sound
  • 🔊
  • thrombocytopenia
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Thrombocytopenia

ٿرام.بو.ساءِ.ٽو.پي.نيا

رت ۾ پليٽيليٽس (platelets) جي تعداد ۾ گهٽتائي جنھن جي نتيجي ۾ رت وھڻ جو لاڙو وڌي وڃي ٿو. ورلي، ٿرامبوسائٽوپينڪ پرپيورا (thrombocytopenic purpura، چمڙيءَ جي غيرمعمولي رتھير) به ٿي پوي ٿي. جنھن جو ڪارڻ يا ته پليٽيليٽن جي ٺھڻ جي رفتار گهٽ ھجي ٿي يا تباه ٿيڻ جي گهڻي. ٿرامبوسائٽوپينيا ليوڪيميا (leukaemia)، لمفوميا (lymphoma)، سسٽَيمڪ لُوپس اَرٿيميٽوسس (systemic lupus erythematosus)، ايڇ آءِ وي انفيڪشن (HIV infection)، ميگالوبلاسٽڪ اَنيمِيا (megaloblastic anaemia) يا ھائپراِسپلينزم (hypersplenism) جي نشاني ٿي سگهي ٿي. ان جو ٻيو ڪارڻ شعاعن (radiation)، حد کان وڌيڪ الڪوحل پيئڻ يا گهڻي عام طور تي، سفارش ڪيل دوائن جھڙوڪ: ٿايازائيڊ ڊائيوريٽڪ (thiazide diuretic) جو اگرو ردعمل پيدا ٿيڻ ٿئي ٿو. اڊيوپيٿڪ ٿرامبوسائٽوپينڪ پرپيورا (thrombocytopenic purpura/ITP) ان جو اڻ ڄاتل ڪارڻ پر آٽواِميون نقص ٿي سگهي ٿو. ٿرامبوسائٽوپينيا جي بلڊ ڪائونٽ (blood count) رستي پڪ ڪري سگهجي ٿي ته ھڏي جي مک جي تپاس به ڪري سگهجي ٿي. ممڪن ٿي سگهي ته اصلي ڪارڻ جو علاج ڪجي ٿو. آءِ ٽي پي وارن ٻارن جو علاج نه به ڪري سگهجي ٿو جڏھن ته عام طور تي بالغن کي ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) دوائون ڏئي سگهجن ٿيون. ڪن شديد رتھير واريءَ حالت ۾ پليٽيليٽس ھڻائي سگهجن ٿيون. دائمي رھندڙ ٿرامبوسائٽوپينيا جي علاج لاءِ تري ڪڍرائي (splenectomy) سگهجي ٿي.


Remember Me Also:

ونڌاڻي

وِنڌاڻِي

ث . ونڌڻ جي محنت يا مزوري.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal