SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Thirty Years War

(click word to listen sound
  • 🔊
  • θəːtiː
  • years
  • ər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Thirty Years War

ٿرٽي ييئرس وار

ٽيهه- سالي لڙائي

1618ع کان 1648ع جي وچ ۾ ٽيهن سالن جي عرصي تائين ٿيل هن لڙائيءَ کي نهايت تباهي ڦهلائيندڙ جنگين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ان لڙائيءَ ۾ جرمنيءَ جي شهزادن ۽ ٻين پرڏيهي طاقتن فرانس، سويڊن، ڊينمارڪ، انگلئنڊ، طرفان مقدس رومن شهنشاهيت جي دٻاءَ خلاف ويڙهه وڙهي وئي. انهيءَ ويڙهه جي نتيجي ۾ ڪليسا جي رياست مٿان گرفت ۾ گهٽتائي آئي ۽ يورپ جي حُڪمرانيءَ ۾ هڪ هزار سالن کان ڇانيل مذهبي اجاره داريءَ جو خاتمو ٿيو. انهيءَ صورتحال جي نتيجي ۾ يورپي حڪمرانن پاڻ ۾ ويهي ”ويسٽفيليا جو معاهدو“ (1648ع) طئي ڪيو ۽ سيڪيولر بُنيادن تي رياست ۽ سياست جي اڏاوت ممُڪن ٿي. هن جنگ کانپوءِ يورپ ۾ علاقائي توازن کانسواءِ ”طاقت جي توازن“ ۾ به استحڪام آيو


Remember Me Also:

عربي

ث. عرب ملڪ جي ٻولي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal