
Thalassaemia
ٿيليسِيميا
رت جي موروثي نقصن جو ھڪ اھڙو گروپ جن ۾ ھيموگلوبن (haemoglobin) جي پيداوار ۾ خامي ھجي ٿي. رت جا ڪيترا ڳاڙھا سيل ٽاڪڻا ٿي ٽٽي رت جي پوڻائي/ رتوڻائي (ڏسو، anaemia, haemolytic) پيدا ڪن ٿا. ٿيليسيميا ڀونچ، مشرق وسطيٰ، سائوٿ ايسٽ ايشيا وارن علائقن سميت اتان جي اصلي خاندانن ۾ ٿئي ٿي. ڪنھن بالغ فرد جي ھيموگلوبن ۾ گلوبنس (globins/protein chains) جون ٻه جوڙيون الفا ۽ بيٽا چينس ٿين ٿيون. بيٽا ٿيليسيميا ميجر جون تڪليفون پيدائش جي 6 مھينن کانپوءِ ظاھر ٿين ٿيون. جيڪڏھن علاج نه ڪجي ته ھڏي جي مک جا خال وڏا ٿي کوپريءَ ۽ منھن جا ھڏا وڏا ڪري ڇڏين ٿا. بيٽا ٿيليسيميا ميجر جي تشخيص رت جي خوردبيني تپاس ۽ رت جي ٻين تپاسن رستي ڪجي ٿي. رسمي طور تي ھن تڪليف جي ٻين چڪاسن جيان تپاس ابھم جي ڄمڻ کان اڳ ڪبي رھجي ٿي. علاج طور رت ھڻائڻي (blood transfusions) پوي ٿي يا ورلي تري ڪڍرائڻي (splenectomy) پوي ٿي. جڏھن ته لاڳيتو رت ھڻائڻ سان جسم ۾ فولاد گڏ ٿيندو رھي ٿو (ڏسو، haemosiderosis). چيليٽنگ دوائن ڏيڻ سان جسم کي اضافي فولاد خارج ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. اسٽيم سيل/ بون مئرو (stem cell or bone marrow transplant) ٽرانسپلانٽ رستي ھن بيماريءَ کان نجات ملي سگهي ٿي. جن ٻارن کي ٿيليسيميا ھجي ٿي تن جي والدين يا مائٽن کي جينياتي صلاح وٺڻ جي سفارش ڪجي ٿي. ٿيليسِيميا کي ڪوليسيز انيميا (Cooley’s anaemia) به سڏجي ٿو.
اروڳو
ذ. صفت. اَروڳُ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal