SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Testis, undescended

(click word to listen sound
  • 🔊
  • testis
  • undescended
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Testis, undescended

ٽيس.ٽِس ـ ان ڊي.سين.ڊيد

ھڪ اھڙو خصيو جيڪو پيٽ مان انڊڪوش (scrotum) ۾ لهي نٿو سگهي. عام طور تي ايئن رڳو ھڪڙي خصيي سان ٿئي ٿو. عام طور تي ڪو به اڻ لٿل خصيو ابھم جي ڄمڻ جي ڪجهه مھينن کانپوءِ ته ورلي پوءِ به لهي سگهي ٿو. اڻ لٿل خصيو عام طرح سان اوسر ڪري نٿو سگهي، عام رواجي تخمي جيون جي پيدائش ڪري نٿو سگهي ۽ سدائين خصيي جي ڪينسر ٿيڻ جي گهڻي خطري ۾ ٿو رھي (ڏسو، testis, cancer of). جيڪڏھن ٻئي خصيا پيٽ ۾ لهي نه سگهن ته اَويجهائپ/ بي اولادي (infertility) ٿي پوي ٿي. عام طور تي ڄمڻ کانپوءِ جسماني تپاس ڪرڻ سان يا اڳتي ھلي ٻالڪپڻي ۾ اھڙيءَ حالت جي ڄاڻ پوي ٿي. علاج لاءِ آرڪيڊوپيڪسي (orchidopexy) ڪجي ٿي جنھن سان عام طور تي اڳتي ھلي اويجهائپ يا خصيي جي ڪينسر ٿيڻ جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو (ڏسو، testis, cancer of). جيڪڏھن ٻيو خصيو عام رواجي آھي ته اڻ لٿل، اڻپوري اسريل خصيي کي خارج ڪري سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

تهڙو، تهڙو

ظرف. [١. تنهن + جهڙو < تهڙو ٢. تنهن + روُءِ = ان جي مهانڊي] اُن جهڙو ، تنهن وانگر. اهڙو. تيئن.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal