SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Temporal arteritis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • tempərəl
  • arteritis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Temporal arteritis

ٽيم.پو.رل ـ آرٽرائيٽس

پيرسن فردن کي ٿي پوندڙ ھڪ ورلي بيماري جنھن ۾ لؤندڙي جي مٿان کوپريءَ جي شريانن جون ڀتيون سوزشي ٿي پون ٿيون. جسم جي ٻين شريانن جو متاثر ٿيڻ به ممڪن ٿئي سگهي ٿو. ان جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. جڏھن ته عام طور تي ان تڪليف جو لاڳاپو پاليميالگيا ريوميٽيڪا (polymyalgia rheumatica) سان ٿئي ٿو. ان جي تڪليفن ۾ ھڪ يا ٻنھي پاسن کان شديد مٿي جو سور، کوپريءَ جي حساسيت، ھلڪو بخار ۽ نه جھڙي بک لڳڻ ٿئي ٿي. اٽڪل اڌ کان مٿي ڪيسن ۾ اکين کي مھيا ڪندڙ شريانون متاثر ٿي پون ٿيون جنھن سبب علاج نه ڪرائڻ ڪري اوچتي نابينائپ پيدا ٿي سگهي ٿي. بيماريءَ جي تشخيص رت جي تپاسن (ESR سميت) ۽ ڪن حالتن ۾ لؤندڙي جي شريان جي بايوپسي رستي ڪجي ٿي. علاج لاءِ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) دوائون ڏجن ٿيون. انھن جي اثرائتين نه ٿيڻ جي حالت ۾ اِميونوسپريسنٽ (immunosuppressants) ڏئي سگهجن ٿيون. عام طور تي بيماري ٻن سالن ۾ ڇڏي وڃي ٿي.


Remember Me Also:

ابن الوقت

ذ.صفت. وقت جو پُٽ. وقت موافق هلندڙ ، وقتي دوست. خود غرض.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal