SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Systemic sclerosis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • sistemik
  • sklərousis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Systemic sclerosis

سِس.ٽَي.مِڪ ـ اِسڪليروسس

ھن اصطلاح کي اسڪليروڊرما (scleroderma) نالي سان به سڏجي ٿو، ورلي ٿيندڙ آٽواِميون جو نقص (autoimmune disorder) ٿئي ٿو جيڪو جسم جا ڪيترائي عضوا ۽ ٽشو خاص طور تي چمڙيءَ، شريانن، بڪين، ڦڦڙن، دل، گئسٽروانٽسٽائينل ٽريڪٽ ۽ سنڌن جا متاثر ڪري سگهي ٿو. تڪليفون ۽ انھن جي شدت مختلف ٿئي ٿي. انھن ۾ ھڪ گهڻي عام ريناڊس فنامينن (Raynaud’s phenomenon) ٿئي ٿي. ان کانسواءِ عام طور تي منھن ۽ آڱرين جي چمڙيءَ ۾ به خاص طور تي تبديليون اچن ٿيون جيڪي چمڪندڙ، سوٽ ۽ ٿلهيون ٿي وڃن ٿيون ۽ چورڻ سان تڪليف ٿئي ٿي. جسم جا ٻيا حصا به متاثر ٿي ڳِھڻ جي تڪليف، ساه جي لڪائي، دھڪو، ھاءِ بلڊ پريشر، سنڌن جو سور يا مشڪ جي ڪمزوري ٿي سگهي ٿي. عام طور تي پھرين ڪجهه سالن دوران اِسڪليروڊرما تيزيءَ سان واڌ ڪري پوءِ گهٽجي مورڳو بند به ٿي وڃي وڃي ٿي. ماڻھن جي ٿورائيءَ ۾ تيزي سان بگاڙ پيدا ٿي ھرٽ فيلؤر (heart failure)، ساه سرشتي جو فيل ٿيڻ (respiratory failure) يا گردن جو فيل (kidney failure) ٿيڻ ٿئي ٿو.


Remember Me Also:

گلوئي گار ٿيڻ

پيڙهي ناس ٿيڻ ، ڪٽنب تباهه ٿيڻ ، خاندان ئي چٽ ٿي وڃڻ ، بنياد تباهه ٿيڻ ، گهر ٻار تباهه ٿي وڃڻ. ستياناس ٿي وڃڻ ، هڙ موڙي چٽ ٿي وڃڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal