
باد فرنگ، هڪ قسم جي جنسي بيماري
سائفلس
سوزاڪ ، آتشڪ، باد فرنگ
آتشي- سوزاڪ- گرمي
Syphilis
سِف.لس
بادفرنگ. ٽريپونيما پاليڊيم (Treponema pallidum) بئڪٽيريا نالي، جماع يا ٻين گهرن جنسي لاڳاپن رستي يا ورلي حمل دوران ماءُ مان ابھم کي ٿي پوندڙ انفيڪشن. انفيڪشن ٿيڻ کانپوءِ روڳي جيوڙو رت جي وھڪري ۽ لمفَيٽڪ سرشتي رستي تيزيءَ سان پکڙجي وڃي ٿو. ان جي پھرين نشاني اھڙو ڦٽ (chancre) ٿئي ٿو جيڪو جنسي عضون، گديا، سفري، چپن، نڙيءَ يا آڱرين تي پيدا ٿئي ٿو ۽ 4 ـ 8 ھفتن ۾ ڇٽي وڃي ٿو. ان کانپوءِ ڊٻڙ پيدا ٿي پوي ٿو جيڪو مختصر، اٿلي پوندڙ يا مھينن تائين ھلي سگهي ٿو. ان جي ٻين ممڪن نشانين ۾ ڳنر چڙھي پوڻ (lymph node enlargement)، مٿي جو سور، ھڏن ۾ سور، بک مري وڃڻ، بخار ۽ ٿڪ ٿي سگهي ٿو. چمڙيءَ جي گهميل ھنڌن تي انتھائي وچڙندڙ ٿلها خاڪي يا گلابي چٽا پيدا ٿي سگهن ٿا. ميننجائيٽس (meningitis) به ٿي سگهي ٿي. نشانين پيدا ٿيڻ جي ان مرحلي کانپوءِ بيماري ڪجهه سالن يا ھميشه لاءِ ڇپ ھڻي سگهي ٿي. ڪجهه ڪيس جن جو علاج نٿو ٿئي نيٺ آخري مرحلي کي رسي وسيع پيماني تي ٽشو تباه ڪري ڇڏي ٿي جنھن سان گڏ ڪارڊيوويسڪيولر سفلس (cardiovascular syphilis) ٿي شاه شريان (aorta) متاثر ڪري اينوروزم (aneurysm) ۽ دل جي وال جي بيماري (heart-valve)، نيوروسمفلس (neurosyphilis) سان گڏ دماغ جي وڌندڙ تباھي ۽ فالج ۽ مغزي ڏوريءَ جي تيبيس ڊارسيلس (tabes dorsalis) پيدا ڪري سگهي ٿي. پيدائشي انفيڪشن جي حالت ۾ ان جي نشانين ۾ ڊٻڙ، دائمي طور تي نڪ مان ساه کڻڻ (snuffles)، ھڏي جا نقص، يرقان ۽ جيري ۽ تريءَ جو وڌي وڃڻ شامل ٿين ٿا. ڪيراٽيسس (Keratitis) ۽ آرٿرائيٽس (arthritis) ۽ مخصوص تراکڙو منھن، ڪِليءَ جھڙا (peg-shaped) ڏند ۽ اڳتي ھلي ٻالڪپڻي ۾ سکڻ جون تڪليفون پيدا ٿي سگهن ٿيون. تشخيص لاءِ شينڪر سيرم (chancre serum) يا رت جي تپاسن سان گڏ ٻين جنسي وچڙندڙ بيمارين ھجڻ جي به چڪاس ڪجي ٿي. بادفرنگ جي ھر قسم جو علاج اينٽي بيڪٽيريل (antibacterial) دوائن سان ڪجي ٿو. جن عضون کي اڳ ۾ ئي ڇيھو رسي چڪو ھجي اھي بحال ٿي نٿا سگهن. ھمبستريءَ لاءِ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ وارا طريقا اختيار ڪرڻ سان بادفرنگ جي بيماريءَ کان بچي سگهجي ٿو. بادفرنگ ۾ مبتلا مريض اوائلي مرحلي ۾ بيماري وچڙائي سگهن ٿا پر بيماريءَ جي ڇپ واري يا آخري مرحلي ۾ نه .
Related words with: Syphilis
گريوان
ف. گريبان اسم . چولي يا قميص وغيره جي ڳچي ، ڪَنڌُ ، ڳچي ، ڪنڌو ، گلو ، گِريواڻ ، گِريبانُ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal