
Synapse
سِنيپ.سِ
ٻن نيوروانن (neurons) وچ ۾ ھڪ اھڙو ميلاپ/ جنڪشن جتان ڪو سگنل گذري سگهي ٿو. ڪنھن به سنيپس وٽ ٻه نيوروان پاڻ ۾ ملن نٿا پر ھڪ وٿيءَ جنھن کي سنيپٽڪ ڪليفٽ (synaptic cleft) سڏجي رستي ھڪٻئي کان الڳ ٿين ٿا. جڏھن به ڪو برقي سگنل ڪنھن نيوروان وٽان لنگهندي سنيپس وٽ پھچي ٿو ته ھڪ ڪيميائي مادو نيوروٽرانسمِٽر (neurotransmitter) خارج ڪري ٿو. نيوروٽرانسمِٽر سنيپٽڪ ڪليفٽ پار ڪندو ٻئي نيوروان جي مٿاڇري جي تھه تي پھچي، ميمبرين جو برقي زور/ پوٽينشل تبديل ڪري ڇڏيٿو. ڪنھن به سنيپس مان سگنل رڳو ھڪ طرف گذري سگهن ٿا. تنتي سرشتي کي متاثر ڪندڙ ڪيتريون دوائون سنيپسس تي اثر پيدا ڪري پنھنجا ڪم ڪن ٿيون. اھڙيون دوائون پنھنجن اثرن سبب نيوروٽرانسمِٽر خارج ڪن ٿيون يا انھن جي اثرن ۾ تبديلي آڻين ٿيون.
قمبراڻي
اسم خاص. هڪ قبيلي جو نالو ، تعلقي ڊگهڙي ۾ هڪ ديهه جو نالو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal