SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Swine influenza

(click word to listen sound
  • 🔊
  • swain
  • influenzə
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Swine influenza

سُوائين ـ انفلوئينزا

انفلوئنزا جو نسبتاً ھڪ نئون قسم، سوائن فلو انفلوئنزا ٽائيپ اَي وائرس جي اسٽرين H1N1 سبب ٿي پوي ٿو. سال، 1900 ۾ سوائن فلوءَ جي عالمي وبا ميڪسيڪو ۾ پيدا ٿي جتي ھي وائرس مِرن مان انسانن ۾ پکڙيو. ان کانپوءِ انسانن کان انسانن ۾ ايئن پکڙبو رھيو جيئن عام موسمي فلوءَ جو وائرس پکڙجي ٿو. جڏھن ته نسبتاً بيماري معمولي ھئي، عالمي وبا جھڙو سمجهيو پئي ويو ۽ ان کان گهٽ سنگين ھيو. ھن بيماريءَ جون نشانيون ساڳيون موسمي فلوءَ جھڙيون ٿين ٿيون جن ۾ بخار، مٿي جو سور، جسم جو سور، ڪمزوري، نڪ جو وھڻ، الٽي ۽ دست شامل ٿين ٿا. ڪيترين حالتن ۾ بيماري ڪجهه ڏينھن ۾ ختم ٿي وڃي ٿي، جڏھن ته ماڻھن جي ھڪ ننڍڙي انگ لاءِ (خاص طور تي جن کي صحت جا ٻيا مسئلا ھجن ٿا) سنگين ٿيڻ کانسواءِ ماري به سگهي ٿي. جيڪڏھن سوائن فلوءَ جو وائرس گردش ۾ ھجي ته ان کي موسمي فلوءَ جي ويڪسين ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ڪن حالتن ۾ بچاءَ يا علاج لاءِ اينٽي وائرل دوائون اوسِيلٽيميور (oseltamivir) ۽ زيناميور (zanamivir) استعمال ڪري سگهجن ٿيون.


Remember Me Also:

ڏيوري

اسم خاص. تعلقي اُوٻاوَڙي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal