
Sunlight, adverse effects of
سن لائيٽ ـ ايڊِ.وَرس ـ افيڪٽس ـ آف
سج ۾ گهڻو وقت وائکي ٿيڻ جا مسئلا. گوري رنگ وارن فردن ۾ گهڻا امڪان ٿين ٿا. ٿوري وقت لاءِ وائکي ٿيڻ سان سج ساڙي (sunburn) ته شديد گرمي سبب، گرميءَ جي ساڻائي (heat exhaustion) ٿي يا سج لڳي (heatstroke) سگهي ٿو. ھڪ ڊگهي عرصي تائين حد کان وڌيڪ وائکي ٿيندي رھڻ سان چمڙي وقت کان اڳي پوڙھي ٿي سولر ڪيراٽوسس (solar keratoses) جي بيماري پيدا ڪري سگهي ٿي. جنھن سان چمڙيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جا خطرا وڌي سگهن ٿا. چمڙيءَ جو سن اسڪرين (sunscreens) رستي بچاءَ ڪرڻ سان سج جي ڇيھي رسڻ کان بچي سگهجي ٿو. فوٽوسينسيٽوٽي (photosensitivity) ۾ سج جي روشنيءَ لاءِ ھڪ غيرمعمولي حساسيت ٿئي ٿي جنھن جي نتيجي ۾ ڊٻڙ ٿي پون ٿا. سج ۾ وائکي ٿيڻ سان اکيون متاثر ٿي سگهن ٿيون، ڪنجنڪٽيوا (conjunctiva) جي سوزش پيدا ڪري سگهن ٿيون، اَڪٽينڪ ڪيراٽوپيٿي (actinic keratopathy)، ٽيريجيم (pterygium) ۽ موتيي پاڻي (cataracts) ٿيڻ جا خطرا وڌي سگهن ٿا. سٺن سن گلاسس استعمال ڪرڻ سان اکين جي مسئلن کان بچاءُ ٿي سگهي ٿو.
ڪنب داڙون
اسم خاص. شهدادپور ۾ هڪ ديهه جو نالو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal