سوئيز ڪئنال
سوئيز واهه
يورپ ۽ ايشيا درميان واپار وڌائڻ لاءِ هيءُ هٿراڌو واههُ، 1859ع ۾ مصر مان کوٽيو ويو، جيڪو ڏهن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو. هي واهه ميڊيٽرينين ۽ ڳاڙهي سمنڊ کي هڪٻئي سان ملائي ٿو ۽ يورپ ۽ ايشيا جي سامونڊي جهازن کي آفريقي کنڊ جي ڦيري کان بچائي آساني پيدا ڪري ٿو. واهه جي اُترئين ڇيڙي کي ”پورٽ سعيد“ ۽ ڏاکڻي ڇيڙي کي ”پورٽ توفيق“ سڏجي ٿو. 26 جولاءِ 1956ع تي مصر جي صدر ’جمال عبدالناصر‘ هن واههَ کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جنهن ڪري رد عمل طور فرانس، برطانيه ۽ اسرائيل مصر تي حملو ڪري ڏنو. هي واهه رومي سمنڊ کي سوئيز جي نار (مصر) سان ڳنڍي ٿو. هن واهه جي پهرين کوٽائي قديم زماني ۾ تيرهين صدي قبل مسيح ۾ ڪئي وئي هُئي. پر جديد دور ۾ ٺهڻ کانپوءِ ان جي ڊيگهه 193.5 ڪلوميٽر، گهرائي 24 ميٽر ۽ 250 ميٽر ويڪر آهي
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal