SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Structuralism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • structuralism
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Structuralism

اسٽرڪچرلزم

گڏيل حصيداريءَ وارو سرشتو

هي اصطلاح فقط خيالي نظريي طور تي نه، پر معاشري ۾ ادارن جي گڏيل جوڙِجڪ تي ٻڌل آهي. ”اسٽرڪچرلزم“ جي تصور کي معيشيت، سياست، مذهب ۽ نفسيات جي علمن ۾ به ساڳي طرح سان استعمال ڪيو ويندو آهي. مُعاشري ۽ ادارن جي وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيندي، ”اسٽرڪچلزم“ تحت گهڻن ادارن ۽ نسلي ايڪن جو هڪ اهڙو گڏيل نظام جوڙيو وڃي ٿو، جنهن ۾ الڳ الڳ ملڪن يا قوميت جا بنياد ختم ٿي سرشتن ۾ سمائجي وڃن ٿا. ان هوندي به اهو سرشتو مارڪس ۽ لينن جي نظريي وانگر فقط رياستن ۽ قومن تي ٻڌل نه آهي، نه ئي ”اسٽرڪچرلزم“ جا ضابطا ڪنهن هڪ اداري اندر محدود ڪيا ويا آهن. هن تصور مطابق ڪنهن به ماحول ۾ ترتيب ڏنل عهدا ۽ سياسي ادارا اهم ۽ متحرڪ هوندا آهن، جنهن ڪري روايتي رياستي نظام وانگر آسپاس سياسي، حڪومتي ۽ معاشي بدنظمي موجود نه هوندي آهي. 60-1950ع جي ڏهاڪن ۾ فرانس طرفان هن تصور مطابق (ٻي عالمي جنگ ۾ حڪومتي نظامن جي ڪيل نقصانن کي ڏسندي) هڪ اهڙو نظام جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ معاشرو طئه ٿيل اصولن مطابق هلائڻ تي زور ڏنل هُئو. هن نظام کي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي. رياستي معاملن ۾ بيوروڪريسيءَ جي اهميت جو اصل بنياد هن اصول تحت پيو. جرمنيءَ جي سماجي سائنسدان، ميڪس ويبر ( Max Waber ) پنهنجي تحريرن ۾ جيڪو بيورڪريسيءَ جو مثالي خاڪو (Model) ڏنو آهي، اهو ڪم ۽ عهدن جي ورڇ ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت مطابق ترقين واري سرشتي (Structure) تي ٻڌل آهي. ”اسٽرڪچرلزم“ جي تصور کي ٽين دنيا ۾ معاشي نظام ۾ ضابطا مقرر ڪرڻ ۽ سرمايه داريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. بنيادي طور تي ”اسٽرڪچرلزم“ کي رياست طرفان پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ وجود ۾ آندو ويو، پر هن نظام ۾ مرڪزي حيثيت وري به مغربي ملڪن کي ملي. انهيءَ ڪري پوئتي پيل مُلڪن ۾ ان کي سامراجيت جهڙو سرشتو قرار ڏنو ويو


Remember Me Also:

آهوڙي

اسم خاص. تعلقي ڪڪڙ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal