
Strongyloidiasis
اسٽران.جي.لوئاءِ.ڊائسس
آنڊي جي پيراسائٽي ڪينئن اسٽرنجيلائڊس اسٽرڪوريلس (Strongyloides stercoralis) سبب ٿيندڙ روڳ. استوائي علائقن ۾ عام ٿئي ٿو. جنھن متاثر علائقي جي زمين ڪرفتيءَ سبب غليظ ٿيل ھجي اتي اگهاڙي پيرن سان گهمڻ سبب ٿي سگهي ٿو. ھن ڪينئن جا لاروا (larvae) پيرن جي چمڙيءَ رستي جسم ۾ گهڙي ڦڦڙن رستي نڙگهٽ کان ٿيندي آنڊي تائين پھچي بالغ ٿي لاروا پيدا ڪري ٿي. گهڻا لاروا ڪرفتيءَ رستي خارج ٿي وڃن ٿيا ته ڪي گديا ڀرسان چمڙيءَ ۾ داخل ٿي وري ھڪ نئين سائيڪل شروع ڪن ٿا. ھن پيراسائٽي بيماري ۾ ڪو فرد 40 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين به مبتلا رھي سگهي ٿو. لاروا چمڙيءَ جي جنھن ھنڌ تان جسم ۾ داخل ٿين ٿا اتي خارس ۽ ڳاڙھو ڊٻڙ پيدا ڪري ٿي. ڦڦڙن ۾ دم (asthma) يا نمونيا (pneumonia) پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪينئان ججهي انگ ۾ موجود ھجن ته پيٽ جي سوڄ ۽ دست پيدا ڪري وجهن ٿا. ورلي، جنھن متاثر فرد جي قدرتي مدافعت گهٽ ھجي ٿي، ڪيترين پيچيدگين جھڙوڪ: سيپٽيسيميا (septicaemia) يا ميننجائيٽس (meningitis) سبب مري وڃي ٿو. علاج لاءِ اينٿيلمنٽڪ (anthelmintic) دوائون عام طور تي تيابيندازول (tiabendazole) ڏيڻ سان پئراسائيٽ مري وڃن ٿا.
سونهين
ث. ف. سُوهان پاڻيءَ جي ننڍي واهي ، ڪَسِي ، گَٺِ. جهاز ران جي ننڍي ٻيڙي ، بتيلو ، ڍُونڍي ، ڪشتي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal