SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Stria

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • striə

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Stria

اِسٽريا

اسٽريا کي اسٽريچ مارڪ (stretch-mark) جي نالي سان به سڏجي ٿو جنھن ۾ ڊرمس (dermis) جي لچڪ ختم ٿيڻ سبب چمڙيءَ تي ھڪ سنھڙي ليڪ پيدا ٿي پوي ٿي جيڪي پھريائين ڳاڙھين اڀريل ليڪن جي صورت ۾ پيدا ٿين ٿيون پوءِ واڱڻائي ٿي آخر ۾ ڦٽي چمڪندڙ لڪيرن ۾ مٽجي وڃن ٿيون. عام طور تي ٻنڊڙن ۽ سٿرن تي پيدا ٿين ٿيون، بلوغت جي واڌ ٿيڻ دوران خاص طور تي رانديگرياڻين ۾ تيزيءَ سان وڌن ٿيون. حمل دوران انھن جو ڇاتين، سٿرن ۽ پيٽ جي ھيٺين حصي تي پيدا ٿيڻ ھڪ عام ڳالهه ٿئي ٿي. واڱڻائي اسٽريا، ڪشنگس سنڊروم (Cushing’s syndrome) جي خاص نشاني ٿئي ٿي. اسٽريا جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ ڪورٽيڪوسٽيروائڊ ھارمونن جو حد کان وڌيڪ پيدا ٿيڻ سمجهيو وڃي ٿو. انھن کان بچڻ جو ڪو طريقو موجود ڪونھي سواءِ ڪن حالتن جي جڏھن ليزر رستي علاج ڪجي ٿو.


Remember Me Also:

رونق افزا

ذ. صفت. ف. رونق + افزا < افروزدن = وڌائڻ رونق کي وڌائيندڙ ، رونق وڌائڻ وارو ، رونق افروز.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal