
Stomach cancer
اسٽَ.مڪ ـ ڪينسر
معدي جي استر مان پيدا ٿيندڙ ھڪ ھاڃيڪار ڳوڙھي، جنھن جي اصل ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي پر سمجهيو وڃي ٿو ته ھيليڪوبيڪٽر پائلوري (Helicobacter pylori) انفيڪشن ان جي وڌائڻ سان لاڳاپيل ٿئي ٿو. ان جا ٻيا ممڪن عنصر تماڪ ڇڪڻ، الڪوحل استعمال ڪرڻ، کاڌا خاص طور تي وڏي مقدار ۾ لوڻ يا آچار وارا کائڻ به ذميوار ٿي سگهن ٿا. پرنِيشس اَنيمِيا (Pernicious anaemia)، ڪنھن حد تائين گئسٽريڪٽومي (gastrectomy) ۽ رت جي اي (A) گروپ سان واسطو لڳي ٿو ته اھڙو خطرو وڌائي ڇڏين ٿا. معدي جي ڪينسر ورلي ڪو 40 سالن کان گهٽ عمر وارن فردن کي ٿي پوي ٿي ته مردن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي. ان جي نشانين ۾ شامل ٿي سگهن ٿيون وزن ۾ گهٽتائي، بک نه لڳڻ ۽ ڳھڻ ۾ تڪليف ٿيڻ. ان جون ٻيون نشانيون پيپٽڪ السر جھڙيون ٿي سگهن ٿيون. تشخيص لاءِ عام طور تي گئسٽرواسڪوپي ڪجي ٿي يا بيريم ايڪسري رستي. بايوپسي به ڪري سگهجي ٿي. ان جو رڳو اثرائتو علاج مڪمل گئسٽريڪٽومي ٿئي ٿي. ڪينسر جي وڌي ويل حالت ۾ جڏھن اھا وگهري وڃي ٿي تڏھن زندگي وڌائڻ لاءِ اينٽي ڪينسر دوائون ڏئي ۽ ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ڪري سگهجي ٿي.
چرڻو
ذ. سن. چَرَڻَ = پير. سُٿڻِ، پيرن کان مٿي بيٺل وڏن پانچن سان سُٿَڻَ. ”ڪتي کي چَرڻُو، انڌي کي پَرڻو، اهو ڪارو مُنهن ڪرڻو“. پَڙِي. پاجامُو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal